SSD Satram Chalisa In sindhi

SSD Satram Chalisa
SSD Satram Chalisa

دوها

سچ سان نالو شروع ٿئي ٿو ساڻ ملي ٿو رام
سچ ءِ ايشور جڏهن جڙي ٿو بڻجي پوي سترام

سترام چاليسا

جئه سچا سترام داس سائين مسڪينن جو وسيلو تون آهين
تون آهين آڌار اسانجو ڪري سويڪار نمسڪار اسانجو


تنهنجي شڪتي مئل جياري ڀڳتي تنهنجي موکش ڏياري
تنهنجي مهما آهي نياري مٽي انڌيرو ٿئي ڏياري


ڪنوررام کي ڪنول بڻايو شرڻ رکي ڀڳوان ملايو
ستگر هر هنڌ حاضر آهين ٻچڙن کي شل ڪين ڀلائين


رڳ رڳ ۾ تنهنجي آهي سچائي ڀٽڪيل کي ٿو راهه لڳائين
ڪر ڪرپا رهي سرور تنهنجو من نه ٿئي مغرورمنهنجو


ڀل ۾ ڀلجي نه توکي ڀلايون ستگر تنهنجا ئي گڻ ڳايون
در تنهنجي جيڪو روئندو آيو تنهنکي تون کلندي موٽايو


تو وٽ ڪيڏا اچي تري ويا پاپي به پاون بڻجي ويا
سائين کوتارام به هو سنت سونهارو ايشور تنهن کي خوب پهچاڻو


تڏهن ته اهڙو لال ڏنائين ڀڳتي سان مالا مال ڪيائين
سنت سچو هو انتريامي شرڻ ۾ سڌري ويا ڪروڌي ڪامي


پاپين کي به ڏنئه آسيسا سمتي بڻيو مليو جو توسان
سائين چنديرام ڪئي ڀڳتي تنهنجي تنهن کي بخشي چانڊاڻ تو پنهنجي


ستگر گڻ تننهجا ڪهڙا ڳايون اوم ءِ سوم توکي ڀايون
مريادا ۾ رام تون آهين نانڪ جنڪ لڳي تون سدائين


بابل ڀڳوانداس ڀڄيو آ توکي پنهنجي رحمت سان رنڱيو تو تنهنکي
جنهن تي نظر ڪئي تو پنهنجي بگڙي بڻجي وئي آهي تنهنجي


دولهه درويش سائين توکي سڃاتو توکي ئي روپ پرڀو آ پاتو
ايشور سان هيو عشق الاهي هر هنڌ تنهنجي آ واهه واهي


ايشور کي تون ڏاڍو وڻين پيو ڪال به تنهنجو ادب ڪري ٿو
تو ڪرشن تون هي رام پرڪرتي به تنهنجي آهي غلام


سنتن ۾ تنهنجي آ رهنمائي هر هنڌ تنهنجي آ شهنشاهي
سترام تنهنجو نالو خاشو رام به تنهنجو آهي پياسو


روپ تنهنجي ۾ آ تيج الاهي دوکين جا ٿو دکڙا مٽائين
دينن جو داتار تون آهين دشٽن کي به دلدار بڻائين


جيڪو توکان دور رهي ٿو تنهن کي تون پنهنجو ڪرين ٿو
تنهنجي وڇوڙي آ ڏاڍو ستايو ستگر پاڻ سان جلدي ملايو


لالن ۾ هيو لال اڪيلو روز لڳي تنهنجي در تي ميلو
نپٽن کي تون پٽڙا ڏيئن ٿو نر آڌار آڌار بڻين ٿو


ڪنور رام تنهنجو شش هو پيارو مئلن کي به جنهن آ جيارو
بخشو تن کي انوکي شڪتي اٺئي پهر ڪيون توهان جي ڀڳتي


جيسين سج چنڊ تارو رهندو سنت سچا تنهنجو نالو رهندو
جڏهن ڌرتي تي پاپ وڌي ٿو تڏهن تو جهڙو سنت اچي ٿو


سچن سنتن سان هئي تنهنجي ياري ڌرم به آهي تنهنجو آڀاري
تو ۾ غضب جي هئي خودداري ڀو تري ويا تنهنجا شيواداري


رهڙڪي صاحب ۾ ديرو تنهنجو من نه ٿئي پرڀو ميرو منهنجو
راڌي شام تنهنجو ٻچڙو سوامي ڪر ڪرپا ملي تنهنجي غلامي


اڄ به سائين ساڌ رام ۾ آهيو درش ٿا پنهنجو سڀ کي پسايو
راڌي شام آ ڏاڍو نماڻو رکجانِءِ شرڻ ۾ نه ڪجانءِ ويڳاڻو


دوها
ماتا تنهنجي جو ڀاڳ کليو هو ٻن سنتن جو ميل مليو هو
پتر روپ ۾ سائين سترام پتي روپ ۾ سائين کوتارام
جيڪو هي چاليسا پڙهندو سچي سائين کي ڏاڍو وڻندو
خوشحالي جي پنهنجي چاهين نيم ٽيم سان پڙهجائين سدائين
ڪوڙو آ سنسار اسانجو ڪري بابل آڌار اسانجو

Leave a comment