Akhand Dhuni Sahib In Sindhi

Akhand Dhuni Sahib In Sindhi
Akhand Dhuni Sahib In Sindhi
Akhand Dhuni Sahib In Sindhi Of  Sain Satramdas Sahib Of Pooj Raherki Sahib

اکنڊ ڌني صاحب

منگلا چرڻ

وار وار وندن ڪيان سچو سترام ستگر پوج
جنهنجي مهر ميا سان ملي انڀئو آتم سوجهه
روز ڌيائيان نام تنهنجو جيڪو آهي چيتن چد روپ
اندر ٻاهر هڪ وسي ستگرو گيان سروپ
پورن آهي ستگرو اسانجو جيئن رام ڪرشن آنند
جنهن جي مهر ميا سان ملي پورن پرمانند
جن جي اپار ڪرپا سان پايو سچو سچ آنند

رام چئو رام چئو سچو سترام
سچو سترام چئو سچو سترام

1
اهو گهوٽ کوتا رام اٿو سچو سترام
اهو سڀ سکن جو ڌام اٿو سچو سترام
ڪندو مشڪل آسان اٿو سچو سترام
جنهن جو اوچو اوچو شان اٿو سچو سترام
اهو رهڙڪي وارو رام اٿو سچو سترام
جنهن جي دنيا غلام اٿو سچو سترام
ڏيندو سچ جو پيغام اٿو سچو سترام
سچو سترام چئو سچو سترام

2
اهو نماڻن جو ماڻ اٿو سچو سترام
اهو بيواهن جي واهه اٿو سچو سترام
اهو هيڻن جو همراهه اٿو سچو سترام
اهو اڙين جو آڌار اٿو سچو سترام
اهو ڪندو ٻيڙا پار اٿو سچو سترام
اهو داني داتار اٿو سچو سترام
اهو ايشور جو اوتار اٿو سچو سترام
سچو سترام چئو سچو سترام

3
اهو پراپڪاري اٿو سچو سترام
اهو ڪرشن مراري اٿو سچو سترام
اهو برج بهاري اٿو سچو سترام
اهو موهن مراري اٿو سچو سترام
جيڪو ايندو هڪ واري اٿو سچو سترام
جنهنجي درشن سان بهاري اٿو سچو سترام
ميٽيندو من جي مونجهاري اٿو سچو سترام
سچو سترام چئو سچو سترام

4
اهو ٽٽل ڳنڍيندو اٿو سچو سترام
پنهنجي چادر ۾ ڍڪيندو اٿو سچو سترام
اهو سچن کي آڻيندو اٿو سچو سترام
اهو ڪوڙ نه سهندو اٿو سچو سترام
اهو پٿر به ڳاريندو اٿو سچو سترام
اهو ڪنڪر نه سهندو اٿو سچو سترام
اهو ڀاڳ ويهي ٺاهيندو اٿو سچو سترام
سچو سترام چئو سچو سترام

5
اهو گهوٽن جو گهوٽ اٿو سچو سترام
اهو لالن جو لال اٿو سچو سترام
اهو ننگي ننگ پال اٿو سچو سترام
اهو ڪندو مالامال اٿو سچو سترام
اهو سخي لجپال اٿو سچو سترام
اهو گلن گلزار اٿو سچو سترام
اهو سڀ جو آڌار اٿو سچو سترام
سچو سترام چئو سچو سترام

6
اهو پيلي پڳڙي وارو اٿو سچو سترام
اهو ڳاڙهي چولي وارو اٿو سچو سترام
اهو ڇير جامي وارو اٿو سچو سترام
اهو سڀ جو سهارو اٿو سچو سترام
اهو چوڏهين جو چمڪارو اٿو سچو سترام
جنهنجو هند سنڌ ۾ نعرو اٿو سچو سترام
هت ايندو ڀاڳن وارو اٿو سچو سترام
سچو سترام چئو سچو سترام

7
اهو نوراني نور اٿو سچو سترام
اهو حاضران حضور اٿو سچو سترام
اهو ظاهران ظهور اٿو سچو سترام
ساري دنيا ۾ مشهور اٿو سچو سترام
ڪندو ڪشٽ ڪافور اٿو سچو سترام
ڪندو اولي مان سولي اٿو سچو سترام
اهو ڏيوري وارو رام اٿو سچو سترام
سچو سترام چئو سچو سترام

8
اهو راجن جو راجا اٿو سچو سترام
ڪندو دکڙن کان آجا اٿو سچو سترام
اهو جاٿي ڪاٿي حاضر اٿو سچو سترام
اهو سدائين گڏ اٿو سچو سترام
ڏيندو سڏ ۾ سڏ اٿو سچو سترام
جيڪو پل پل پڪاريندو سچو سترام
ڏکيو ڏينهن نه ڏيکاريندو سچو سترام
سچو سترام چئو سچو سترام

9
اهو پيرن جو پير اٿو سچو سترام
جيڪو ٺاهيندو تقدير اٿو سچو سترام
اهو من ۾ وسي اٿو سچو سترام
اهو سڀ ۾ وسي اٿو سچو سترام
جيڪو درشن پسي اٿو سچو سترام
پننهجي رنگ ۾ رنڱي اٿو سچو سترام
ڪندو رحم جي نگاهه اٿو سچو سترام
سچو سترام چئو سچو سترام

10
اهو سائين ڪنعيالال اٿو سچو سترام
اهو تاج وارو سائين اٿو سچو سترام
اهو مستن جو مست اٿو سچو سترام
اهو ڏاڍو زبردست اٿو سچو سترام
اهو دولهه درويش اٿو سچو سترام
ڏيندو مشڪل نه پيش اٿو سچو سترام
اهو غريبن جو سهارو اٿو سچو سترام
سچو سترام چئو سچو سترام

11
جنهن جو درشن حضوري اٿو سچو سترام
اهو جهوليون ڀريندو اٿو سچو سترام
اهو پٽڙا به ڏيندو اٿو سچو سترام
اهو قرض ڪٽيندو اٿو سچو سترام
اهو مرض مٽائيندو اٿو سچو سترام
پنهنجو درشن ڪرائيندو اٿو سچو سترام
اهو مونجهه مٽائيندو اٿو سچو سترام
سچو سترام چئو سچو سترام

12
اهو ترلوڪي ناٿ اٿو سچو سترام
ڪندو پوري سڀ جي آس اٿو سچو سترام
ڪندو دک درد ناس اٿو سچو سترام
اهو سچو سترام داس اٿو سچو سترام
اهو ناٿن جو ناٿ اٿو سچو سترام
اهو هر دل جي آس اٿو سچو سترام
ڪندو ڪارج سڀ جا راس اٿو سچو سترام
سچو سترام چئو سچو سترام

13
اهو گرو غريب نواز اٿو سچو سترام
اهو مئل جياريندو اٿو سچو سترام
اهو اڻ لکيا به ڏيندو اٿو سچو سترام
اهو ڪرم ڪٽيندو اٿو سچو سترام
اهو نياڻيون اگهائيندو اٿو سچو سترام
جنهن جو ڀريل ڀنڊارو اٿو سچو سترام
جنهنجي شيوا نشڪام اٿو سچو سترام
سچو سترام چئو سچو سترام

14
اهو پاڻ ڀڳوان اٿو سچو سترام
جنهن سان گڏ ڪنوررام اٿو سچو سترام
اهو شاهن جو شاهه اٿو سچو سترام
اهو بي پرواهه اٿو سچو سترام
ڪندو دشٽن کي ناس اٿو سچو سترام
جنهن رکيو وشواس اٿو سچو سترام
جنهن جي درشن سان ڪم راس اٿو سچو سترام
سچو سترام چئو سچو سترام

15
گهوٽ کوتا رام جو پيارو اٿو سچو سترام
سائين ڪنوررام جو گرو اٿو سچو سترام
دولهه درويش جو دلارو اٿو سچو سترام
اهو رهڙڪي جو راجا اٿو سچو سترام
اهو رهڙڪي جو راڻو اٿو سچو سترام
جنهن جي من ۾ نه ماڻو اٿو سچو سترام
ڪنهن کي خالي نه موٽائيندو اٿو سچو سترام
سچو سترام چئو سچو سترام

16
ستگر هلندي هلائيندو سچو سترام
ڪڏهن من نه منجهائيندو سچو سترام
سچو سترام چئو سچو سترام

 

آهي سچو سترام آهي سچو سترام

آهي سچو سترام آهي سچو سترام