Sandesh Sain Sadhram Sahib | ڪنهن بي سھاري جو سھارو بڻجڻ ئي پرم ڌرم آھي

حاضر سروپ سائين ساڌرام صاحب جن جو سنديش

شھنشاھ ستگرو سچي سائين سترام داس صاحب جن جا مک وچن آهن ته
( ڪنهن بي سھاري جو سھارو بڻجڻ ئي پرم ڌرم آھي )

اسان ڪنھن سنت’ مھاتما ‘ درويش ‘ فقير کي ڏسندا سين ته اھو پنهنجي شڪتي آڌار ڪجهه ن ڪجهه شيوا ڪندو ئي ڏسڻ ۾ ايندو آهي ـ جئين ڪنهن سنت جو ناماچار پنهنجي شھر تائين ‘ ته ڪن جو پسگردائي تائين ھوندو آهي ـ ڪن جو ڪافي علائقن تائين ته ڪي ڪي وري وشو وکيات (پوري دنيا ۾ نالي وارا ) ٿيندا آهن ـ
اسان ڏسندا سين ته جنهن سنت جو ناماچار پنهنجي شھر تائين آهي ته اھو پنهنجي شھر تائين ‘ جي پرسگردائي وارو پرسگردائي تائين ڀلائي ‘ شيوا ‘ پراپڪار ڪندو ئي ڏسڻ ۾ ايندو آهي ڪي امن ‘ شانتي ۽ محبت جو درس ڏيندا آھن ـ ته ڪي وري پويتر سنديش شيوا ـ پراپڪار ـ پيار ـ پريم ۽ ڀڳتي جي سچائي سان سنسار کي سڳنڌت (خوشبودار) ڪندا آهن ـ
اسان ڏسندا سين ته جنهن سنت جي جيتري پھچ آهي اھو پنهنجي شڪتي آڌار شيوا ڪندو ڏسڻ ۾ ايندو آهي ـ ڪو شھر تائين ناماچار رکندڙ سنت ائين ڪون چوندو ته منهنجو نالو پسگردائي تائين ڦھلجي ته پوء ڪجهه ڀلائي ۽ شيوا کي اڳتي وڌايان ـ يا ڪو ڪافي ڪجهه شيوا ڪندڙ ائين ڪون چوندو ته اڳ دنيا ۾ نالو مشھور ٿئي پوء ڪجهه سنسار کي ڏيان ـ تنھنڪري جيڪو سنت جيتري پھچ رکندو آھي اھو اوترو ئي ڪم يا شيوا ڪندو ڏسڻ ۾ ايندو آھي ـ
حقيقت ۾ اھا اسان کي پھرين سنتن جي سکيا ملي ٿي ته جيترو ڪجهه انهيَ مالڪ اسان کي پنهنجي رحمت سان نوازيو ۽ وڌايو آھي اوترو ڪجهه ڪريون ـ جيترو ڪجهه سچي ستگرو يا پرماتما اسان کي بخشو آھي پنهنجي حيثيت مطابق ڪجهه ٻين لاء ڀلائي جا ڪم ڪريون ـ پنھنجا سٺا ڪرم ٺاھيون ـ
ڪيترائي اسان جا شھر واسي ڀائر ڪافي پريوارـ بکيا ۽ بي حال آھن ڪن کي اجھو ڪونھي’ ت ڪن کي تن ڍڪڻ لاء ڪپڙو ڪونھي ‘ ڪي مسڪين آھن’ ت ڪي وري منگتا ـ
اسان کي انھن سنتن جي سکيا آھي ته پڄندي آھر سندن ھر ھڪ جيو جي مدد ڪريون ـ اسان پاڻ به سکي رھون ۽ ٻين کي به سک ڏيون ـ ائين ڪرڻ سان اسان کي سڪون ۽ شانتي پلئه پوندي ۽ اسان جو جيون خوشحال ٿي پوندو ۽ اسان جي مٿان مالڪ جي رحمت وسندي رھندي ـ

Leave a comment