Sandesh Sain Sadhram | اسان جي اندر جو اھڃاڻ

سنديش حاضر سروپ سائين ساڌرام صاحب

( اسان جي اندر جو اھڃاڻ )

اسان ھر روز مندر ڏانهن ويندا آهيون ـ اتي وڃي ڪري پنهنجو سيس ( مستڪ )جھڪائيندا آھيون ـ ۽ آشائون پوري ٿيڻ لاء آسيس ۽ رحمت به گھرندا آھيون ۽ پرساد به پائيندا آھيون ـ
اسان ڪڏهن اھو به سوچيو آهي ته مندر جو اصل مقصد ڇا آهي؟
انهيَ جي ايتري قدر صاف سٿرائي ۽ پويترتائي جو ڪارڻ ڇا آهي؟ ۽ انهيَ ۾ ايتري شرڌا ۽ وشواس آخر ڇاجي ڪري آهي؟
جڏهن اسان اصليت تائين پھچڻ لاء حقيقي مقصد جي تلاش ڪندي اڳتي وڌنداسين ته پتو پوندو مندر حقيقت ۾ اسان جي اندر جو اھڃاڻ يا پرتيڪ آهي ـ جيڪو اسان کي ھر روز وري وري پيو ياد ڏياري ته ڪجهه پنهنجو پاڻ سڃاڻ ڪجهه پنهنجو پاڻ طرف نھار ۽ ڪجهه پنهنجو پاڻ سنوار ـ ڇاڪاڻ ته جڏهن انهيَ مالڪ حقيقي جي درٻار ۾ حاضر ڪيو ويندو ته اتي اھي سوال ڪين پڇيا ويندا ته تون ڇا ٻڌي آئين ۽ ڇا ٻڌائي آئين؟ ڇا ڪم ڪري آئين ۽ ڇا ڪمائي آئين ؟ ڇا سکي آئين ۽ ڇا سيکاري آئين ؟ اگر اتي ڪو حصاب ڏيڻو پيو ته انهيَ سوال جو ھوندو ته تون ڪھڙا ڪرم ڪري آئين ۽ ڪھڙا ڪرائي آئين؟ اتي ھر ھڪ انسان کي پنهنجا ئي ڪرم ڇڏايندا ـ
انهيَ ڪري ئي مندر مان اسان منجھان ھر ھڪ کي الڳ الڳ سان سمجھاڻي ملندي آهي ته تون پنهنجو پاڻ کي ڏس ـ ڇاڪاڻ ته اتي توکي ئي منهن ڏيڻو پوندو ـ اتي تنھنجو ڪو سنگتي يا ساٿي نه ھوندو ۽ نه ئي ڪو رشتيدار يا سڃاڻ وارو ھوندوـ
مندر لفظ حقيقت ۾ ٻن اکرن جو بڻيل آهي ـ
من + در = يعني من جو دروازو ـ
پنهنجي اندر جھاتي پائڻ جو ھڪ وسيلو يا ذريعو ـ جئين اسان ڪنهن گھر يا بنگلي ۾ ويندا آھيون ته دروازي مان ئي جھاتي پائيندا آھيون ته اندر مالڪ ويٺو آهي يا نه؟ اگر دروازو بند ھجي ته ٻاھران کڙڪائندا آھيون يا گھنٽي وڄائيندا آھيون ـ ساڳي ئي نموني مندر من جو دروازو آهي جتي وڃي ڪري اسان پنهنجي اندر ۾ جھاتي پايون ته واقعي اھو اصل مالڪ” پرماتما” اسان جي اندر آهي يا نه ؟ ۽ مندر جو جيڪو ٻاھريون سروپ يا سمجھاڻي آھي اصل ۾ انھي گھنٽي وانگر آهي جيڪا وري وري ياد پئي ڏياري ته پنهنجو دروازو کولائي ـ يعني ھر ايندڙ ۽ ويندڙ کي اشارو پيو ڪري ته اندر جي کڙڪي کولي پنهنجي اصليت کي پروڙـ
ھاڻي اسان مندر ڏانهن ويندي تائين جيڪا ڪريا اندر ٿئي پئي انهيَ طرف ڌيان ڏينداسين ته سڀ حقيقت واضع ٿي ويندي ـ
1. مندر طرف وڃڻ کان اڳ اسان اشنان ڪندا آھيون ـ يا صاف سٿرائي سان ويندا آھيون ـ
2. مندر جو پنهنجو سروپ يا بيھڪ.
3. مندر ۾ لڳل گھنڊ جو وڄائڻ
4. مندر ۾ اونچي آسڻ تي براجمان پويتر مورت يا پويتر پستڪ ٻئي يا ٻنهي مان ھڪ جو ھجڻ ـ
5. پويتر مورت يا پستڪ جي سامهون بيھي ٻئي ٻانهون ٻڌڻ يا ھٿ جوڙڻ ـ
6. پنهنجون اکڙيون بند ڪرڻ
7. پنهنجو سيس جھڪائڻ ـ

1.سڀ کان پھريائين مندر وڃڻ کان اڳ اسان اشنان ڪندا آھيون انهيَ جي اندر مقصد حقيقت ۾ اھو ڀريل آهي ته اسان اندر جي صفائي ۽ پوترتائي پائڻ جي لاء تياري ڪري وڃي رھيا آھيون ـ ڇاڪاڻ ته انسان وٽ جيڪو ڪجهه ھوندو آهي انهيَ سان ئي پنهنجي ڀاونا پرگھٽ ڪندو آهي ـ جھڙي نموني انسان ڪنهن مندر ۾ ويندو آهي ته پرشاد ۾ اڪثر مٺائي يا ڪا مٺي چيز کڻي ويندو آهي انهيَ جو مقصد اھو ڪڏهن به ڪونھي ته ڀڳوان اسان جي ڪو مٺائي کائيندو ‘ پر انهيَ جي اندر اھا سندن ڀاونا ڀريل آهي ته:
اي مالڪ ! پرڀو پرماتما مون وٽ صرف اھا ٻاھرين ڏسڻ جي مٺائي آهي پر تون موٽ ۾ اھا اصل مٺائي “اندر جي مٺاس” ڏي جنهن سان منھنجو اندر ۽ وھنوار مٺو ٿئي جئين تو کي وڻان ـ ساڳي ئي نموني مندر ۾ وڃڻ کان اڳ اشنان ڪرڻ اصل اندر جي صفائي پوترتائي کي پائڻ جي اڇا کي پرگھٽ ڪري ٿو ـ

2. مندر جو پنهنجو سروپ يا بيھڪ ـ

مندر کي ڀڳوان جو گھر چيو ويندو آهي ـ انهيَ کي چئني طرفن کان چئوديواري ھوندي آهي ۽ مٿان ٽاور نما گمبذ ھوندو آهي ۽ گمبذ مٿان ڪلس لڳل ھوندو آهي ۽ گمبذ اندر بلڪل خال يا پولار ھوندو آهي ۽ انهيَ مندر اندر پرماتما جي مورت يا سندس بخشيل پويتر پستڪ براجمان ھوندي آهي ـ
حقيقت ۾ چئوديواري ۾ بند مندر اسان جي اندر يا من جو پرتيڪ آهي ۽ مندر مٿان ٺھيل اونچو گمبذ چوي پيو ته پنھنجو پاڻ کي مٿي کڻو يعني پنهنجي رھت’ سوچ’ ويچار ۽ ڪرمن کي اونچو رکو ـ ڇاڪاڻ ته مٿي چڙھڻ ديو گڻ آهي ـ يعني پنهنجي پوترتائي ۽ چڱاين کي مٿي کڻو ـ ۽ ھيٺ ڪرڻ دئيت ڀاؤ آهي يعني غلط ڪاريه ڪرڻ وغيره ـ
تنھن ڪري انهيَ گمبذ رستي سمجھايو وڃي ٿو ته پنهنجو پاڻ کي پويترتائي ۽ چڱائي جا پتلا بڻايو ۽ انهيَ گمبذ مٿان لڳل ڪلس انهيَ اونچائي ڏانهن اشارو ٿو ڪري جنهن جو ڪو انت ڪونھي ـ يعني پنهنجي پوترتائي کي ايترو اونچو ڪيو جو پرماتما تائين پھچي وڃو ـ گمبذ جي اندر جيڪو خال يا پولار آهي اھو ياد پيو ڪرائي ته توهان جو مٿي چڙھڻ اھنڪار ۽ اڇا رھت ھجي ‘ يعني پوترتائي ۽ چڱائي رستي پروان چڙھندي توهان ۾ اھنڪار يا تڪبر جو ذرو به نه ھجي ۽ نه وري ڪا اڇا ‘ آرزو يا تمنا ھجي ـ يعني جيڪو ڪجهه به ٿئي انهيَ جي ڦل جي اڇا نه رھي ـ
جنهن لاء ڀڳوان سري ڪرشن چيو ! شڀ ڪاريه ڪريو پر ڦل جي اڇا نه رکوـ
انهيَ مندر اندر براجمان مورت يا پستڪ رستي سمجھاڻي پئي ملي ته انهن جي ڏنل سکيائن ۽ سنديش تي نر اڇا ۽ نر اھنڪار شڀ ڪاريه ڪندي پنهنجو پاڻ کي اھڙو بڻائجي جو پاڻ کي انهيَ جي شڀ گڻن سان ڀري ڇڏجي ـ
مندر جو اصل مقصد آهي مندر پرماتما جي گھر جو پرتيڪ آهي ۽ مٿان ٺهيل گمبذ انهيَ جي اونچائي کي پيو ظاهر ڪري ته سندس رحمت بي انت آهي ۽ گمبذ اندر خال يا پولار پيو ٻڌائي ته اھو گھر(مندر) دک ـ سک ـ نيڪي ـ گلا ـ سردي ـ گرمي ۽ مان اپمان کان رھت ۽ نيارو آهي ۽ اتي براجمان مورت پئي ٻڌائي ته اتي اگر ڪجهه آهي ته صرف ۽ صرف سدا پويتر ‘ سڀ جو پريتم ۽ سڀ جو سھارو پرماتما ـ
انهيَ اصل گھر (مندر) ۾ اچڻ چاھيو ته پوء پنهنجو پاڻ کي اھڙي لائق بڻايون جو پاڻ مٽائي انهيَ ۾ سمائي ڇڏيون ـ

3. مندر ۾ لڳل گھنڊ جو وڄائڻ ـ

مندر ۾ وڃي اسان گھنڊ وڄائيندا آھيون ـ انهيَ جي اندر اصل ۾ پنهنجو پاڻ کي ساوڌان يا ھوشيار ڪرڻ جو راز رکيل آهي ته ھاڻي پنهنجو پاڻ کي مالڪ طرف وڃڻ لاء الرٽ يا سچيت ڪريون ـ جئين ان پرماتما ۾ ڌيان لڳائي سگهون ـ
ٻيو گھنڊ جي وڄڻ سان ڪيترائي زھريلا مادا به ختم ٿي ويندا آهن يا بيھوش ٿي ويندا آهن جن سان اسان جي اندر جون ڪيتريون ئي بيماريون ختم ٿي وينديون آهن ـ انهيَ مان اسان کي سمجھاڻي ملي ٿي ته اسان جي اندر ۾ جيڪي به وڪارن روپي سوچون ھلن پيون اھي ھت اچڻ سان مري مات ٿين ٿيون ۽ شڌي پئدا ٿئي ٿي ـ

4. مندر ۾ اونچي آسڻ تي براجمان پويتر مورت ۽ پويتر پستڪ ٻئي يا ٻنهي مان ھڪ جو ھجڻ ـ
مندر ۾ داخل ٿيڻ سان ئي سامهون پويتر مورت يا پويتر پستڪ براجمان ھوندي آهي ـ انهيَ جو مقصد ھوندو آهي ته مالڪ اسان کي ٻڌائي رھيو آهي جيئن ته ھي منھنجو گھر آهي ۽ انهيَ ۾ صرف مان ئي آهيان ـ ھت اچڻ چاهين ٿو ته اچ ۽ مون ۾ سمائجي مون سان ھڪ ٿي وڃ ‘ جيئن تو ۽ مون ۾ باقي ڪو فرق نه رهي ۽ اچي منهنجي سروپ ۾ سمائجي منهنجو ئي روپ بڻجي وڃ ـ جيئن پاڻي جو قطرو جيستائين سمنڊ کان دور آهي تيستائين قطرو ئي آهي پر جڏهن سمنڊ سان ملي ٿو ته سمنڊ ٿو ٿي پوي ـ
ساڳي ئي نموني اھو براجمان مالڪ “ايشور” پيو سمجھائي ته اچ ۽ مون ۾ سمائجي منهنجو روپ ٿيء ـ
ھاڻي سوال ٿو پئدا ٿئي ته انهيَ جو روپ ته ٿيون پر ڪيئن ؟
اھو ئي جواب اڳتي جي ڪريا ۾ سمايل آهي ـ

5. پويتر مورت يا پويتر پستڪ جي سامهون بيھي ٻئي ٻانهون ٻڌڻ يا ھٿ جوڙڻ ـ
پويتر مورت يا پويتر پستڪ جي سامهون بيھي ڪري جيڪي ٻئي ھٿ جوڙيا ويندا آهن تن جو مقصد آهي پنهنجو پاڻ کي جوڙڻ يعني چت کي ايڪاگر ڪرڻ يا من کي ورتين کان ھٽائي ان پرماتما جو ڌيان ڪرڻ ـ حقيقت ۾ ٻئي ھٿ دماغ جي ترجماني ڪندا آهن ـ جيڪو حڪم دماغ ڪندو آهي اھو ڪم ھٿ ڪندا آهن جڏهن اسان ڳالهائيندا آھيون ته ھٿ پنهنجو پاڻ ھلڻ لڳندا آهن ڄڻ ھٿ پيا ڳالهائين ـ اھو سڀ انهيَ ڪري ٿيندو آهي ڇاڪاڻ ته ھٿن جو واسطو سڌو سنئون دماغ سان آهي ـ جيئن اسان جا ٻه ھٿ آهن ساڄو ۽ ٻيو کاٻو اھو ئي ڪارڻ آهي جو اسان ڳالھائيندا ڪجهه آهيون سوچيندا ڪجهه ٻيو ۽ چوندا ڪجهه ٽيون آهيون ـ اسان جي چت جون ورتيون ڦرنديون رھنديون آهن ۽ من ڀٽڪندو رھندو آهي’ خيال ڪڏهن ڪھڙا ھوندا آهن ته ڪڏهن ڪھڙا ؟ اھو سڀ انهيَ ڪري ٿيندو آهي ڇاڪاڻ ته اسان جو دماغ الڳ الڳ حصن ۾ ورھايل آهي ـ ھٿ جوڙڻ جو اصل مقصد آهي پنهنجي دماغ کي جوڙڻ ‘ چت کي ايڪاگر ڪرڻ يعني سالم دماغ سان ان ايشور جو ڌيان ڪرڻ ـ
اسان جڏهن ھڪ ٻئي سان ملندا آھيون ته ھٿ جوڙي سچو سترام يا نمستي چوندا آھيون ـ ان جو به مقصد اھو ئي آهي ته مان سالم دماغ يعني سچي دل سان تنهنجو آڌر ڪريان ٿو ـ جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا ٻيائي يا کوٽ ڪونهي ـ ھٿ جوڙڻ جي پوئتان راز ڀريل آهي سالم دماغ رکڻ ‘ چت کي ايڪاگر ڪرڻ يا من کي ورتين کان رھت ڪري پاڻ کي ان پرڀو پرماتما سان جوڙڻ ـ
پنهنجي اڳيان ھٿ جوڙائي مندر ۾ براجمان پرماتما اسان کي سمجھائي ٿو ته جيڪڏهن مون ۾ پاڻ سمائڻ چاھين ٿو يا مون کي پائڻ چاھين ٿو ته سڀ کان پھريائين چت کي ايڪاگر ڪر ۽ ٻيا سڀ ڦرندڙ خيال ڦٽا ڪري مون ۾ سمائجي ھڪ ٿي وچ ـ

6. پنهنجون اکڙيون بند ڪرڻ ـ
ھٿ جوڙڻ کان پوء اسان اکيون بند ڪندا آھيون ـ اکين بند ڪرڻ جو اصل مقصد آهي ٻاهر ڏسڻ کي ڇڏڻ ـ عام طور ھر انسان جي عادت ھوندي آهي ٻين کي ڏسڻ جي ته ٻيو ڇا پيو ڪري ۽ ڪيئن پيو ھلي؟ جڏهن پاڻ ۾ ڪجھ دوست گڏ ٿيندا آهن تڏهن به ٻين جون ڳالهيون پيا ڪندا آهن ـ ڪنهن جي نيڪي ته ڪنهن جي گلا ـ ڪڏهن به پنهنجو پاڻ تي نه ڳالھائيندا آهن ته اصل ۾ پنهنجا ڪرم ڪھڙا آهن؟ پر ٻين کي ڏسي انهن تي ڳالهائي پنهنجو جيون اجايو وڃائي ڇڏين ـ
پر اکين بند ڪرڻ جو اصل مقصد آهي ته سامهون مندر ۾ براجمان مالڪ پرڀو پرماتما اسان کي سمجھائي پيو ته اگر مون کي ڏسڻ يا پسڻ چاھين ٿو ته پوء ٻين کي ڏسڻ ڇڏي ڏي ـ ھرڪوئي پنهنجي پنهنجي ڪرمن جي آڌار تي چڱو يا مندو ڦل ڀوڳيندو ـ تنھن ڪري تون انهن جي پچار ۽ ويچار ڇڏ ـ ۽ پنهنجي اندر جھاتي پاء يعني پاڻ سڃاڻ ـ

7. پنهنجو سيس جھڪائڻ ـ
ھٿ جوڙڻ ۽ اکيون بند ڪرڻ کان پوء آخر ۾ پويتر پستڪ يا پويتر مورت اڳيان سيس جھڪايو ويندو آهي ـ
جنهن جو اصل مقصد آهي ته سامهون براجمان پرماتما اسان کي چئي پيو ته ھاڻي من جي ورتين ۽ ٻين کي ڏسڻ ڇڏي ڪري ڏس پنهنجي اندر ۾ ته تنهنجو اندر ايترو پويتر آهي جو مان تنهنجي من مندر ۾ براجمان ٿيان يعني تون پاڻ منهنجي سنديش ۽ سکيائن تي ايترو عمل پئرا ٿيء جو مون کي پسند پوين ـ يعني اھا پويتر مورت يا پستڪ اسان کي چوندي آهي ته پنهنجو پاڻ کي ڏس ته ڏسيل مارگ تي ڪيترو پيو ھلين ؟ پويتر پستڪ اسان کي چوندي آهي ھاڻي پاء جھاتي پنهنجي من ۾ ته جيڪو ڪجهه مون ۾ لکيل آهي اھو عمل تنهنجي نجي جيون ۾ ڪيترو آهي ؟ يعني ڪيترو انهيَ تي عمل ڪندڙ آھين ؟
شھنشاھ ستگرو سائين سترام داس صاحب جن به قميص لاھي ڪفن اوڙھيندي پنهنجي آخري سنديش ۾ به اھو ئي فرمايوته : ڪنور! “قميص ۽ ڪفن ٻئي ڪپڙي جا آهن ۽ ٻئي بدن تي اوڙھيا ويندا آهن انھن ۾ فرق آهي ته صرف اھو جو قميص کي کيسو يعني جيب ٿيندي آهي ۽ ڪفن کي نه ـ جيب کاٻي طرف ۽ دل جي مٿان ھوندي آھي ۽ ھردو ئي پرماتما جي براجمان ٿيڻ جي اصل جڳهه آهي جيڪڏھن تون پنهنجي دل جي مٿان وڪارن روپي جيب کي پري ڪندين ۽ ھردو ھري کي ڏيندين يعني ڏنل سکيأن ۽ وچنن تي عمل ڪندي ته سدائين مون کي ساڻ پائيندين ـ”

مندر ۾ براجمان پويتر مورت يا پستڪ پرماتما جا پرتيڪ( نشان ) آهن جيڪي چون ٿا ته اسان عمل جا مالڪ آھيون جيترو اسان جي ڏسيل سکيائن ۽ سنديش تي عمل ڪندا اوترو ئي اسان جي ويجهو ايندا ۽ عمل ڪرڻ کان سواء ايئن ئي رھجي ويندا ـ تنھن ڪري توهان مان ھر ھڪ ڏسي پنهنجو پاڻ کي ته مان ڪيترو عمل پئرا آھيان منهنجي درٻار ۾ توھان کي پنهنجا عمل يا ڪرم ڇڏائيندا ـ ڇاڪاڻ ته چوندا آهن
( عمل سي ھي بنتي ھئي زندگي ـ جنت ڀي جھنم ڀي ـ)
مندر وڃڻ جو اصل مقصد آهي پنهنجو پاڻ کي اتي براجمان پرماتما يا سندن بخشيل پستڪ جي ڏنل سکيائن جھڙو بڻائڻ اھو تڏهن ٿيندو جڏهن ھٿ جوڙي چت کي ايڪا گر ڪندا سين ـ
اکيون بند ڪري ٻاھر ڏسڻ ڇڏي ڏينداسين ۽ سيس جھڪائي صرف ۽ صرف پنهنجي اندر نھارينداسين ته سامهون واري مالڪ جي ڏنل سکيائن ۽ سنديش کي ئي پنهنجي اندر ڌارڻ ڪريون ـ
مندر جون ايتريون پويتر سکيائن ھوندي به ڪڏهن ڪڏهن اشانتي اسان جي پلئه پئجي ويندي آهي ـ پرماتما پيار جو پرتيڪ آهي ـ پر ڪڏهن سندس مورت جي نالي تي نفرت ھلندي آهي ـ مندر پاڻ سڃاڻڻ جو امر آسٿان آهي پر ڪڏهن اتي ڪجهه ٻيو ٻڌڻو پوندو آهي مندر پرماتما پائڻ جي ڀومي آهي پر ڪڏهن انهيَ کان دوري تي دل چاھيندي آھي ـ آخر ڇو ؟

حقيقت ۾ مندر جي پوترتائي ۾ فرق ڪونهي پر اسان جي سمجهه جوصحيح استعمال ڪونهي ٿيندو ـ مندر ۾براجمان مالڪ اسان کي چيو ته اچو ۽ اچي مون جھڙا ٿيو يعـني پاڻ کي منهنجي ڏنل سکيائن ۽ سنديش کي سمجهي سيس جھڪائي پنهنجو پاڻ کي ڏسو ـ پر اسان جڏهن سيس جھڪايو سين ته صرف انڌڪار کان سواء ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه آيو ڇاڪاڻ ته اسان جو جيون ئي انڌڪار يا غلط ڪارين سان ڀريل آهي ـ ۽ پنهنجي انڌڪار کي ڏسڻ جي جڏهن اسان ۾ ھمت نه ٿي ته پوء دماغ کي ٻئي پاسي ڊوڙايو سين ۽ سوچيوسين ته مندر جي ڪا شيوا ڪريون ـ پوء جڏهن گرمي جي موسم ھوندي آهي ته مندر ۾ ايئرڪنڊيشن لڳائي ڇڏيندا آھيون ۽ اگر سيارو ھوندو آهي ته پوء پويتر مورت کي گرم ڪپڙا پارائي ڇڏيندا آھيون ۽ پويتر پستڪ مٿان گرم ڪمبل وجهي ڇڏيندا آھيون ـ جڏهن ته اسان چڱي نموني سمجھون ٿا ته اھا پويتر مورت يا پستڪ پرماتما جا پرتيڪ آهن ۽ منجهن چيتن شڪتي آهي جتي نه دک آهي نه سک ـ نه گرمي آهي نه سردي ـ نه ڏينهن آھي نه رات ـ ته انهيَ اسان کي سڏيو آهي ته اچو ۽ مون جھڙا ٿيو يعني اھڙا ٿيو جو سک ـ دک کان ڇٽي مون ۾ سمائجي وڃو ـ پر جڏهن اسان کي پنهنجي اندر انڌڪار ڏسڻ ۾ آيو ته چيو سين اگر ھاڻي پاڻ کي تو جھڙو نٿا ڪري سگھون ته پوء توکي پاڻ جھڙو ضرور ڪنداسين ـ جيئن اسان کي گرمي لڳي ٿي ته توکي به لڳندي ھوندي تنھن ڪري مندر ۾ AC لڳائي ڇڏي سين ۽ ٿڌ ۾ گرم ڪپڙا يا ڪمبل پارائي ڇڏياسين ـ
جڏهن اسان انهن کي پاڻ جھڙوسمجھڻ لڳاسين ته پوء انهن جي پويترتائي ۽ سندس نالي کي جڏهن پنهنجي مفادن لاءاستعمال ڪرڻ لڳاسين ـ پنهنجي مان ۽ اپمان کي انهن جو نالو ڏيڻ لڳاسين ۽ جڏهن پنهنجا مفاد اچي ويا ته اتي ڪڏهن ٻئي لاء ڀلائي ڪٿي ٿيندي ؟ ۽ چت شانت ڪيئن ٿيندو ؟ انهيَ ڪري اشانتي وڌڻ لڳي ٿي ۽ جتي شانتي نه ملي ته دوري پنهنجو پاڻ ٿيڻ لڳندي آهي ـ
تنھن ڪري مندرن کي پنهنجي مفادن لاء استعمال نه ڪرڻ گھرجي پر انهي جي اصل پويترتائي کي سامهون رکي پاڻ کي پويتر بڻائي پرماتما ۾ سمائڻ جو ساڌن سمجهڻ گھرجي ـ
سو انهيَ سچي ستگرو در ـ مالڪ در پرڀو پرماتما در اھائي ارداس ـ التجا ۽ وينتي ته پاڻ سڀني کي اھڙي سمت ۽ رحمت بخشي جو مندر جي اصل سچائي کي سمجھي ۽ سندس پويتر سکيائن تي عمل ڪري پاڻ کي پرماتما تائين پھچڻ جي لائق بڻايون ـ

سچو سترام ـ سچو سترام ـ سچو سترام ـ