Sain Sadhram Sahib Sandesh | جھڙي درشٽي تھڙي سرشٽي

سنديش حاضر سروپ سائين ساڌرام صاحب جن جو 

( جھڙي درشٽي تھڙي سرشٽي )

سنسار ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو ٿين ٿا ھڪڙا اھي جيڪي ھر ھنڌان سٺائي کڻي سيني ۾ سانڍين ۽ چڱائي کي چت ۾ رکي پوترتائي کي پائين ۽ گڻي گڻوان بڻجي پاڻ کي به پرم شانتي طرف واڌائي ۽ سنسار کي به سنئين راھ لڳائي سندن زندگي سھڻي ۽ سندر بڻائين ـ يعني پاڻ پنهنجي انتي يا واڌارو ڪري پاڻ کي به خوش رکن ۽ پراپڪار سان سنسار ۾ رھندڙ ھر جيو کي به خوشين سان ڀرين ـ
ٻيا وري جي برائي يا خرابي ڏسن اھا اتان کڻندا وتندا ھڪ ھڪ جي گلا ۽ چغلي ڪن ڪنهن کي ڪنهن ٻئي لاء برغلائين ۽ جھڳڙا ۽ فصاد ڦھلائي ماحول کي اشانت ۽ غير سڪونيت طرف وٺي وڃن اھو سڀ انھي ڪري ٿئي ٿو جو حقيقت ۾ انسان جھڙو پاڻ ھوندو آهي تھڙي ئي سوچ وارو ٻئي کي سمجھندو آھي ـ جن انسانن جي پنهنجي سوچ چڱي يا بھتر ھوندي آهي ته سندس پنهنجو اندر صاف ۽ چت شڌ ٿيندو ويندو آهي ۽ انھي ڪري سندس نظريو به سٺو ٿيندو ويندو آهي ـ جڏهن سوچ ‘ چت ۽ نظريو بھتر ٿيا ته نظر پنهنجو پاڻ چڱي ٿي ويندي ۽ وري جڏهن نظر چڱي ٿي وئي ته سڀ ڪجهه سٺو ئي ڏسڻ ۾ ايندو ۽ پوء ھر ھڪ جي ڳالھ چيز يا ھلت چڱي ڏسڻ يا کڻڻ ۾ ايندي ۽ سڀ کي پاڻ جھڙو پيار ‘ پوترتائي ۽ پريم جو پتلو سمجهڻ لڳندو ۽ ٻيو ڪھڙو به ھجي انهيَ کي پاڻ جھڙو بھتر ئي سمجھندو ۽ جيڪو انسان ٻئي جا اؤگڻ ۽ خرابيون ڏسندو ته سندس پنهنجو ئي اندر براين سان ڀرجي ويندو ۽ انهيَ دوش درشٽي يا خراب نظر جي ڪري نه صرف پنهنجو نظريو پر من به ملين ڪري وجھندو ـ
جڏهن انسان جو پنهنجو اندر ملين ٿيو ته ڪا به چيز چڱي ڏسڻ ۾ نه ايندي تنھن ڪري جيڪي پنهنجي جيون کي سڦل بڻائڻ چاھين تن کي پنهنجي درشٽي يا نظر کي صاف رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته چيو ويندو آهي (جھڙي درشٽي تھڙي سرشٽي ) يعني جھڙي پنهنجي نظر ھوندي سنسار به تھڙو ڏسڻ ۾ ايندو ـ
جئين ھڪڙي دفعي گرو دروڻا چاريه يڌشٽر ۽ ڌريوڌن کي ھڪڙي شھر موڪليو يڌشٽر کي چيو ته سڄي شھر ۾ جيڪو خراب انسان مليئي سو ھيڏانھن وٺي اچ ۽ ڌريوڌن کي چيو جيڪو چڱو انسان مليئي تنهن کي مون سان اچي ملاء ـ ۽ ٻئي شھر ھليا ويا ۽ گرو ڏٺو ته شام جو ٻئي ھٿي خالي پيا اچن انھن سان ڪو به انسان گڏ نه ھو ـ تڏهن گرو دروڻا چاريه يڌشٽر کان پڇيو ڇا سڄي شھر ۾ ڪو به خراب ماڻهو نه آهي ؟ تڏهن يڌشٽر وراڻيو: ته سائين سڄو شھر گھميس سڀني عزت ڏني ‘ آڌر ڀاء ڪيو مون کي ته ڪو به غلط ماڻهو لڳئي ڪون پيو ته ڪنهن کي وٺي اچان ! تڏهن گرو ڌريوڌن ڏانهن منهن ڦيريو جنهن چيو ته ھي سادو آهي ھن کي ڪھڙي خبر مان سڀ جو اندر سڃاڻان سڀ کوٽا ‘ ڪپٽيا ـ ٻاهر ڏسڻ جا ھڪ اندر جا ٻياـ مان سندس ھلڻ سان ئي سمجهي وڃان ته ڪھڙي چال ٿا چلن ـ گرو دروڻا چاريه چيو ته اھو آھي درشٽي يا نظر جو ڪمال ـ يڌشٽر پاڻ چڱو آهي ته کيس سڄو سنسار ئي چڱو ٿو لڳي ۽ ڌريوڌن جي پنهنجي اندر ۾ برائي ڀريل آهي ته سندس سڄو سنسار منداين جو ٿو نظري ـ
تنهن ڪري سمجهڻ گهرجي ته جھڙو انسان پاڻ ھوندو تھڙو ٻئي کي سمجھندوـ
اگر اسان کي پنهنجو پاڻ کي سنسار ۾ سرخرو ڪرڻو آهي ته پوء پاڻ ۾ گڻ ڀرڻا پوندا ـ ھر ھڪ جي خوبين کي چت ۾ رکڻو پوندو ـ ھر ھڪ جي خوبي کي خاص نظر سان ڏسڻو پوندو ـ ڇاڪاڻ ته سنسار ۾ ڪو به اھڙو جيو نه آھي جيڪو ڪنهن خوبي کان خالي ھجي ـ جيڪي شخص گڻ گراھي وارا ھوندا آهن اھي ڪا نه ڪا ڳالهه جھٽي وٺندا آهن ـ جئين ھڪڙي سنت وٽ اچي ڪيترن ماڻهن ھڪڙي ماڻهو جي گلا ڪئي تنهن تي انهيَ سنت چيو ڪجهه به ھجي پر انهيَ جو ٿڌو سڀاء ۽ ڌيرج سان ھلڻ مون کي ڏاڍو وڻندو آهي ـ ۽ اھڙي طرح ان جي خوبي ظاهر ڪري گڻ کڻڻ جو طريقو سيکاريو ـ
تنهن ڪري پنهنجا آئينا پاڻ بڻجي وڃون اگر ڪنهن ٻئي ۾ خامي ڏسڻ ۾ اچي ته سمجھون منهنجي نظر ۾ ڪا بد نگاھي اچي وئي آهي انهيَ کي دوش درشٽي مان( رويه) بھتر درشٽي طرف آڻيون ـ جيڪي ٻين جا گڻ ھجن انھن کي کڻون يا اپنايون ـ
سو انهيَ سچي ستگرو ۽ پرماتما در اھا ئي وينتي ۽ ارداس ته پاڻ سڀني کي اھڙي سمت ۽ رحمت بخشي جو حقيقي گڻ کڻي انهن کي پنهنجي جيون ۾ اپنائي اھڙي لائق بڻجون جو انهيَ سچي سائين جي چرنن ۾ ويھڻ يا سندس نالي تي پاڻ کي چوائڻ جي قابل ٿيون