Sandesh Sain Sadhram Sahib In Sindhi | Dharam

Satsang Sain Sadhram Sahib

سنديش
حاضر سروپ سائين ساڌرام صاحب جن جو
[ ڌرم ]

جڏهن کان پرٿوي تي انسان آيو آهي ‘ انهيَ وقت کان اڄ تائين لکين ڌرم ـ پنٿ ۽ فرقا پيدا ٿي چڪا آهن ۽ پيدا ٿيندا رھندا ـ
ڌرم اکر لفظ ڌر مان ورتو ويو آهي جنهن جي معني آهي جھلڻ يا آڌار ٿيڻ ـ يعني جيڪو ڀٽڪڻ کان بچائي يا روڪي رکي ـ ڌرم حقيقت ۾ گڻن جو نالو آهي جيڪو انسان بڻجڻ سيکاري ٿو ـ جيڪڏهن انسان وٽ ڌرم جي واٽ نه ھجي ته شايد پسون ۽ انسان ۾ ڪو به فرق نه رهي’ ڇاڪاڻ ته پئدائشي طور ته انسان ۽ ٻين جوڻين ۾ رھندڙن ۾ ڪو خاص فرق نه آهي پر گڻن جي ڪري انسان مٿاھون آهي ـ
ڌرم انسان کي سيکاري ٿو ته ڪنهن سان ڪيئن ھلجي؟ انسان جا فرض ڪھڙا آھن؟ انهيَ کي پاڻ ڪيئن ھلڻو آهي ۽ ٻين کي ڪيئن ھلائڻو آهي؟
ڌرم انسان کي من ماني ڪرڻ کان روڪيندو آهي ۽ نيڪ بڻجڻ سيکاريندو آهي ـ جدا جدا وقتن ۽ موقعن تي الڳ الڳ ھلڻ جا طريقا پڻ سيکاريندو ۽ سمجھائيندو آهي ـ يعني جھڙي اسٿتي ۽ ضرورت ھوندي ڌرم تھڙي واٽ وٺڻ جي سکيا سيکاريندو آهي ـ
انهيَ لاء ڌرم ھڪ آهي پر انهيَ کي ننڍن ننڍن يونٽن ۾ ورھايو ويو آهي جئين ھر انسان پنهنجا فرض چڱي نموني ۽ ڌرم آڌار سان نڀائي سگهي ـ ڪنهن سان ڪيئن ۽ ڪھڙي وقت ڪھڙي ريت سان ھلڻ گھرجي؟ انهيَ کي سمجهڻ لاء الڳ الڳ سکيا ڏني وئي آهي .
۽ انهن کي نالا به الڳ الڳ ڏنا ويا آهن ـ
ڪل ڌرم ـ راڄ ڌرم ـ مانؤ ڌرم ـ پتني ڌرم وغيره ـ

جئين ته ھر جيو پنهنجي زندگي ڪاپي ڪري ھلائيندو آهي ـ جئين ھو پنهنجي وڏن کي ڏسندو تھڙا گڻ يا اوگڻ پاڻ ۾ ڀريندو آهي ۽ انسان تقريبا %80 فيصد پنهنجي زندگي ڪاپي ڪري ھلائيندو آهي’ جھڙا لفظ يا ٻولي ماء يا گھرڀاتين کان ٻڌندو اھائي پاڻ ڳالھائيندوآهي ۽ جيڪي ڪاريه پنهنجي وڏن کي ڪندو ڏسندو اهي ئي پاڻ ڪندو آهي ـ
جئين ھر انسان ۾ اتم گڻ پئدا ٿين انهيَ لاء ھرھڪ ڌرم پنهنجي پنهنجي نموني ھر انسان لاء ھلڻ ۽ رھڻ جا بھتر طريقا مقرر ڪيا آهن’ جئين وڏن کي پوترتائي سان ھلندو ڏسي ننڍڙا ٻار سٺن گڻن سان سرشار ٿين ـ
انهيَ ڪري ڇٺي کان جڻين ۽ جڻين کان شادي تائين انسان ۾ ڌارمڪ سکيائن ڀري سمجهه ڏني ويندي آهي ۽ پوء انهن تي عمل ڪندي انسان اونچو بڻجي پوندو آهي ـ اڄ اگر انسان کي تڪليفون آهن ۽ جلد وڦلجي ٻئي جي ڦندي ۾ ڦاسيو ٿا پون ته انهيَ جو ڪارڻ حقيقت ۾ اسان جي پنهنجي اڻڄاڻائي آهي ـ انهيَ ۾ ڌرم جي ڪوتاھي ڪونهي اگر ڌرم کي چڱي نموني ڏسندا سين ته تصوير چٽي طرح سامهون ايندي ـ ھؤ ته اڻڳڻين خوبين سان ڀرپور اسان جي سامهون ھوندو آهي ۽ قدم قدم تي اسان جي رھنمائي ڪندو رھندو آهي ـ

جئين ته ڌرم جي معنيٰ آهي زندگي گھارڻ جو اصول جيڪو ڀٽڪڻ کان بچائي يا روڪي رکي ـ جئين انسان چڱن گڻن ‘ سچائي ‘ اعلي آچار ‘ خلوص ۽ اتم انتي جو شڌ وھنوار پاڻ ۾ اپنائي سگهي ـ انهيَ ڪري ڌرم جي ھر ھڪ سکيا انسان جي قدم قدم تي رھنمائي ڪرڻ لاء تيار ھوندي آهي ـ جئين ڪو به انسان نه ته پاڻ ڪا غلطي ڪري ۽ نه وري ڪنهن جي بھڪاوي ۾ اچي غلط قدم کڻي سگهي ـ انهيَ ڪري ڌرم جا قانون به ٿيندا آهن ۽ قائدا به ـ جيڪي مارگ درشن ڪرائيندا آهن ته جئين ھر انسان پنهنجا رشتا ناتا ‘ اٿڻ ويھڻ جا نيم ‘ واڻي ۽ ڪرم کان اتم درشن تائين صحيح نموني پالن ڪري سگهي ـ
انهيَ ڪري سڀ ڌارمڪ قائدا ۽ قانون انسان جي ڀلائي کي سامهون رکي جوڙيا ويندا آهن ـ جئين انسان پاڻ به خوشين ڀري زندگي گھاري ۽ساڻ گڏ ڪائنات جي ھر جيو کي به سکي رکي ـ پوري برھمانڊ کي سک ۽ شانتي سان سڳنڌت يا خوشبودار بڻائي ڇڏي ـ
ڌرم پنهنجي اتم سکيائن سان ھر انسان کي گڻن سان ڀرڻ لاء پنهنجا قائدا ۽ قانون اھڙا ته سرل ۽ سولا جوڙي ڇڏيندو آهي ۽ انساني زندگي ۾ انهن جي گھارڻ جا طريقا اھڙا ته وڻندڙ ۽ پرڪشش آهن جو ھر انسان پنهنجو پاڻ انهن کي خوشي سان اپنائي وٺي ۽ نه اپنائڻ جي صورت ۾ پاڻ کي غلط ھلندڙ محسوس ڪري ـ انهيَ ڪري اسان ڏسندا آھيون ته جيڪي انسان ڌارمڪ ڄاڻ نه ھئڻ سبب ڌرم کان اڻ ڄاڻ ھوندا آهن يا سندن خوبين کان ناواقف ھوندا آهن ـ اھي به ڌارمڪ سنسڪار ڌرم مطابق ڪرڻ جا خواهشمند ھوندا آهن ۽ ھر رسم ڌرم مطابق ادا ڪرڻ ۾ پنهنجو فخر ۽ شان محسوس ڪندا آهن ـ ڌارمڪ سکيائون ايتريون ته سرل ۽ سمجهه ڀريون ڪيون ويون آهن جو ڌرم ۾ يقين رکڻ وارا ۽ کيس نه سمجهڻ وارا ٻئي ٻار جي پيدا ٿيڻ کان پوڙھي جي انٽيشٽي ” اگني سنسڪار ” تائين سڀ رسمون ڌارمڪ سکيائن انوسار ادا ڪرڻ کي پنهنجو فرض سمجھندا آهن ـ
جئين ته ڌرم پوري برھمانڊ يا قدرت جي ڪائنات کي خوشين سان ڀرڻ جو وسيلو آهي ـ تنھنڪري ھو پنهنجن اتم سکيائن کي ھر انسان تائين پھچائڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ لاء اھڙي ته سرل واٽ وٺندو آهي جو ھر انسان سولائي سان سمجهي ( ۽ اگر نه به سمجهي ته انهيَ اميد سان ته ڪڏهن ته سمجهندو ) انهيَ مطابق پنهنجو جيون گذاري ـ ڌرم پنهنجو پاڻ سمجھائڻ لاء ڪيترائي طريقا اپنائيندو آهي ـ ڪڏهن انساني جيون لاء مقرر سورنھن سنسڪارن رستي منجهس ‘ پنهنجا گڻ ڀريندي انسانيت سيکاريندو آهي ته ڪڏهن مختلف ريتن ۽ رسمن ذريعي چڱائي ۽ ڀلائي جي پٿ ( رستي ) تي ھلائيندو آھي ته وري ڪڏهن ورت ۽ اپواس رکرائي انسان جي ورتي سنواري ۽ رھڻي سڌاري پرڀو چرنن ۾ پھچڻ جي لائق بڻائيندو آهي ـ
سو انهيَ ستگرو در ايشور در اھائي ارداس التجا وينتي ته پاڻ سڀني کي اھڙي رحمت ۽ سمت بخشي جو سندن ڏنل ڌرم جي راھ تي ھلي پنهنجو جيون سڦل ۽ سنسار کي سڳنڌت بڻائي سندن چرنن ۾ ويھڻ جي لائق بڻجون ـ

سچو سترام ـ سچو سترام ـ سچو سترام

 

Show Comments (1)