Madah Sahib Bhagat Kanwarram In Sindhi

مداح صاحب ڀڳت ڪنوررام صاحب

 Madah Sahib Bhagat Kanwarram In Sindhi
Madah Sahib Bhagat Kanwarram In Sindhi

Madah Sahib In Sindhi – Bhagat Kanwarram Sahib

This Madah Sahib – Sain Kanwarram Sahib Is Composed By Sant Sain Sanwalram Sahib Of Machhko Sahib

مداح صاحب امر شهيد سائين ڪنوررام صاحب

1
گرو غريب نواز ڪر مهر ديا ٻاجهه
سدا رک منهنجي لاڄ منهنجا سائين ڪنوررام
2
تون آهين ديون جو ديو دور ڪر اهميو
بخش چرنن جي شيو منهنجا سائين ڪنوررام
3
مان آهيان دکي دين پاپي مت ملين
تون آهين صاحب پروين منهنجا سائين ڪنوررام
4
مارو پنجيئي ويري ڪرو دم نه ديري
نوارو جنم جي ڦيري منهنجا سائين ڪنوررام
5
داتا دين ديال تون آهين ننگي ننگ پال
ڪاٽ جم جو جنجال منهنجا سائين ڪنوررام
6
مهر ڪر مهراج تار ٻڏل جهاز
ڪنهنجو ڪر نه مهتاج منهنجا سائين ڪنوررام
7
هي دين بنڌو داتا تون آهين ڪرم وڌاتا
ڪرپا ڪر پتا ماتا منهنجا سائين ڪنوررام
8
ساري عمر افراد مون وڃائي برباد
ڏيو سمت ۽ مراد منهنجا سائين ڪنوررام
9
تون آهين ايشور اوتار دک ڀنجن سک سار
مان آيس تو دئار منهنجا سائين ڪنوررام
10
ڪرو اوڌيا تم ناس ڪاٽيو مايا جي فاس
بخشو نام ۾ نواس منهنجا سائين ڪنوررام
11
ڏيو وويڪ وئراگ نج آنند جو سهاگ
هرو دتيا جو داغ منهنجا سائين ڪنوررام
12
ست چت آنند ولاسي تون آهين گيان پرڪاشي
مان آهيان تنهنجي داسي منهنجا سائين ڪنوررام
13
کميا ڪرو اپراڌ نوارو من جا اپاڌ
ڪرو بنڌن کان آزاد منهنجا سائين ڪنوررام
14
هي شاهن جا شاهه تاريو ڀئوجل اٿاهه
نوارو چنتا ۽ چاهه منهنجا سائين ڪنوررام
15
ڪرو هردي ۾ پرڪاش چت وشيون سي اداس
ڏيو آتم اڀياس منهنجا سائين ڪنوررام
16
ميٽيو اوڌيا اگيان ڏيو چرنن جو ڌيان
ڪريو مشڪل آسان منهنجا سائين ڪنوررام
17
تنهنجي مايا آهي پرٻل جنهن ڪيو مونکي نرٻل
تاريو نيا منهنجي ٻڏل منهنجا سائين ڪنوررام
18
هي گوبند گهنشام توکي سدائين پرنام
تون آهين نرمل نهڪام منهنجا سائين ڪنوررام
19
مان ورتي تنهنجي اوٽ هرو پاپ ڪي ڪوٽ
نوارو جم جي چوٽ منهنجا سائين ڪنوررام
20
تنهنجو آهيان مان غلام مهر ڪر گهنشام
جپائج دم دم ۾ نام منهنجا سائين ڪنوررام
21
رام ڪرشن اوتار برهما وشنو شو سار
تون آهين نانڪ نرنڪار منهنجا سائين ڪنوررام
22
اهو آهي منهنجو عرض نوارو ممتا جو مرض
رهي ڪائي نه غرض منهنجا سائين ڪنوررام
23
ڀاري ڀئوجل کان تاريو جنم مرڻ کان نوارو
دم پل نه وسارو منهنجا سائين ڪنوررام
24
مان آهيان پاپن سان پر رکو لاج ستگر
ڪريو من منهنجو افر منهنجا سائين ڪنوررام
25
روگ سوگ ڪريو دور شرڌا پريم ڀرپور
ميٽيو دک درد سور منهنجا سائين ڪنوررام
26
پريما ڀڳتي جو دان چرنن ڪملن جو ڌيان
ڏيو سروپ جو گيان منهنجا سائين ڪنوررام
27
ست چت آنند سروپ تون آهين اگم انوپ
مونکي تاريو انڌ ڪوپ منهنجا سائين ڪنوررام
28
من موهن مهربان ڪر منهنجو ڪلياڻ
بخش برهم جو گيان منهنجا سائين ڪنوررام
29
ڏوهه گناهه ڪريو معاف انتهه ڪرڻ ڪرو صاف
جپايو اجپا جاپ منهنجا سائين ڪنوررام
30
آشا ترشنا نوارو وشيه واسنا سڀ مارو
تتل هردي کي ٺاريو منهنجا سائين ڪنوررام
31
منهنجي عيبن ڏي نه تڪ پنهنجي دامن سان ڍڪ
لجا لوڪ پرلوڪ ۾ رک منهنجا سائين ڪنوررام
32
پورن ڪريو اها آس ڪاٽيو جنم مرڻ جي فاس
ڏيو چرنن ۾ نواس منهنجا سائين ڪنوررام
33
تون آهين امر اڪالي سک ساگر دک ٽالي
آءُ آهيان تو در سوالي منهنجا سائين ڪنوررام
34
سچا ستگر سوامي تون آهين انتريامي
برهم آنند ۾ آرامي منهنجا سائين ڪنوررام
35
تون آهين نماڻن جو ماڻ شڀ گڻن جي کاڻ
ڪر منهنجو ڪلياڻ منهنجا سائين ڪنوررام
36
مان آهيان نيچ نڌر اچي ورتم تنهنجو در
ڪر مهر جي نذر منهنجا سائين ڪنوررام
37
تنهنجو پتت پاون نانو تون آهين نٿاون جو ٿانو
آيس شرن تنهنجي آءٌ منهنجا سائين ڪنوررام
38
دياوان داتار تون آهين صاحب ستار
تنهنجو درشن دک ٽار منهنجا سائين ڪنوررام
39
چارئي ورن آيا سوالي ڪوئي ويو نه خالي
تنهنجي رمز آهي نرالي منهنجا سائين ڪنوررام
40
سرو گڻن ۾ ڀرپور ساري جڳ ۾ مشهور
سچو مثل منصور منهنجا سائين ڪنوررام
41
بيک پنٿ کان نيارو سڀ جيون هت ڪارو
ڪندڙ نام پرچارو منهنجا سائين ڪنوررام
42
تون آهين سدا مهربان نوڙت نياز کمياوان
تنهنجي منوهر زبان منهنجا سائين ڪنوررام
43
وشسٽ سم برهم گياني هريش چندر سم داني
راجا نرموهه سماني منهنجا سائين ڪنوررام
44
جن ڪيو تنهنجو درشن ٿيو تن من پرسن
تون آهين ساڪشات ڪرشن منهنجا سائين ڪنوررام
45
موهڻي روپ مراري دک هرتا سک ڪاري
تنهنجي مهما آهي اپاري منهنجا سائين ڪنوررام
46
تون آهين آديتي آتم اونچ نيچ ڄاڻي سم
خوشدل بي غم منهنجا سائين ڪنوررام
47
هر حال ۾ تون راضي ڪرين سڀ کي نيازي
کتين وئين تون بازي منهنجا سائين ڪنوررام
48
شانتي وان ڌيرج ڌاري وڪرم سم اپڪاري
انڌن منڊن جو آڌاري منهنجا سائين ڪنوررام
49
هندو جاتي جو اجيار نر مم اهنڪار
تنهنجو سڀ سان پيار منهنجا سائين ڪنوررام
50
سک روپ تنهنجا چرن پاپ تاپ دک هرن
ميٽيو جنم ۽ مرڻ منهنجا سائين ڪنوررام
51
نردوش نروئير سڀ جو چاهين ٿو خير
ڪيئي پرمارٿ لا۽ سير منهنجا سائين ڪنوررام
52
جيڪي آهن مذهب پنٿ سڀ کي منڃين تون سنت
دکايوئي جيو نه جنت منهنجا سائين ڪنوررام
53
نر اڇا نر اڀيمان جنڪ سم گيانوان
پريما ڀڳتي جي کاڻ منهنجا سائين ڪنوررام
54
ٻڌي مٺا مڌرواڪ ڪروڙين جيو ٿيا مشتاق
چئو طرف تنهنجي هاڪ منهنجا سائين ڪنوررام
55
تنهنجي نرمل رهڻي ڪهڻي ڌرتي سم سهن سهڻي
تنهنجي رمز من موهڻي منهنجا سائين ڪنوررام
56
ڀيل هندو مسلم سڀ کي ڄاڻيندڙ تون سم
سڀ تي ڪندڙ ديا رحم منهنجا سائين ڪنوررام
57
ڪلو ڪال ڏسي ڀاري بڻي آئين تون اوتاري
تاريا جيو تو اپاري منهنجا سائين ڪنوررام
58
تنهنجي مهما آهي اپار پاتو شيش به نه پار
تنهنجي سدا جئه جئه ڪار منهنجا سائين ڪنوررام
59
جوئي پيو تنهنجي پيش مٽي ويا تنهنجا ڪليش
ڪيو هردي ۾ پرويش منهنجا سائين ڪنوررام
60
ٿئين امر شهيد پر ڏنئي ڌرم تان سر
نالو رهندو سدا ٿر منهنجا سائين ڪنوررام
61
ڌن تنهنجي ڪمائي ساري دنيا تو روئائي
تون اهين نور الاهي منهنجا سائين ڪنوررام
62
رچي کيل سڀ آپ ڇپين وئين چپ چاپ
جڳ ڪيو ورلاپ منهنجا سائين ڪنوررام
63
رسيل راند وئين ڇوڙي سنگي ساٿي وئين جهوري
مونجها آهن سڀ تولا۽ منهنجا سائين ڪنوررام
64
بي انت آهي ليلا تنهنجي تڇ مت آهي منهنجي
ڪر مهر ديا پنهنجي منهنجا سائين ڪنوررام
65
ٻڌو عرض هي پڪار ڏيو درشن ۽ ديدار
ميٽيو من جي مونجهار منهنجا سائين ڪنوررام
66
آءُ غافل آهيان موڙ ڪيو اوڌيا تم دور
تاريو ڀئوجل پهري پور منهنجا سائين ڪنوررام
67
آءُ آهيان تنهنجو بار سدا لهو منهنجي سار
ٻيو ڪونهي ڪو آڌار منهنجا سائين ڪنوررام
68
ٿي سدا تون سهائي پاپ تاپ سڀ مٽائي
موهه مايا کان ڇڏائي منهنجا سائين ڪنوررام
69
جوئي ڌري سڪ پريم پڙهي مداح نت نيم
تنهنجو ڪجائين سدا کيم منهنجا سائين ڪنوررام
70
ڪهي ’سانول’ داسن داس پورن ڪيو اها آس
خالي کڻان نه سواس منهنجا سائين ڪنوررام

سچو سترام
سهڻو ڪنوررام
ڌن سائين سانول رام

Leave a comment