Bhagat Kanwarram
Sindhi Saint Bhagat Kanwar ram Website

Insanyat Jo Parcharak Bhagat Kanwar ram

Insanyat Jo Parcharak Aen Sindhi Sur Jo Sartaj Bhagat Kanwarram
انسانيت جو پرچارڪ ۽ سنڌي سُر جو سرتاج امر ڀڳت ڪنور رام

انسانيت جو پرچارڪ ۽ سنڌي سُر جو سرتاج امر ڀڳت ڪنور رام

سنڌ جي سڀاڳي سرزمين ضلعي گهوٽڪي تعلقي ميرپور ماٿيلي جي ڪجهه مفاصلي تي هڪ ننڍڙي شهر جروارن ۾ 13 اپريل 1885ع تي ماتا تيرٿ ٻائي ڀڳوان جي دان ڀاڳيه وارن ڀڳت کي جنم ڏنو. جنهن نمرتا، نماڻائي ۽ نهٺائي وچان هوندي سڀني جي داس سڏائي سڪ ۽ سوز جي ساز سان مڌرمن موهيندڙ مٺڙي آواز جڳديش جي جنتا کي پريم جو پيغام ڏيئي سنسار روپي
ساگر ۾ ڪنول جي گل جيئان رهيو. (اهي ڀڳت ڪنور رام جو اڄ 126 هون جنم مها اتسيو (پئدائش جو ڏينهن) آهي، سنت ڪنور رام صاحب هڪ ڳوٺاڻو ۽ هڪ مسڪين ۽ فقير منش (ماڻهو) هيو. سندس علمي لياقت ته فقط پنجن ، سنڌي درجن ۽ هند ڪي اکرن جي سڃاڻ تائين محدود هئي. پر اندر جو سوجهرو گهڻو هيس. جنهن جو جرڪو سندس پيشاني ۾ پيو بکندو هيس. ڏيک ويکا کان ڪوهين ڏور، ڪپڙي لٽي ۾ سادڙو، ڳالهه ٻولهه ۾ سٻاجهڙو. نماڻو ۽ قربائتو هو. پوڙهو. چوان ته ڇڏيو پر اڌ اگهاڙي پينو فقير سان ڳالجهائيندا هئا ته به ٻئي هٿ ٻڌي. معلوم ائين ٿيندو هو ڄڻ سندس ٻنهي هٿن ۾ عاجزي ۽ نوڙت جون هٿڪڙيون پيل آهن. عاجزي سندس عادت هئي ته راڳ سندس عبادت هئي. ننڍي هوندي ئي ڳائڻ سان دلي لڳاءُ هيس جيڪو سندس وڌڻ سان گڏ وڌندي وڻ ٿيو ته رڳ رڳ ۾ راڳ سمائجي ويو. چوندا آهن ته ڳائڻ ڀڳوان طرفان مليل هڪ انمول ڏات هوندي آهي. جنهن کي ڏاتر ڏئي پوءِ ڪي هن کي پيٽ پوڄا جو ذريعو بڻائن ٿا ته ڪي وري ان سوغات کي جسماني خواهش ۽ نمائش سان ڀيٽي پنهنجي ڪاڪ ڪاري ڪن ٿا. سنت ڪنور رام ته ”آلاپ“ ڀڳوان جي ڀڳتي لاءِ ارپڻ ڪري ڇڏيو.

سنت ڪنور رام صاحب جن جي سريلي. من موهيندڙ مٺڙي آواز ۾ درد، سوزهو، درد مند جا درد ڀڳتي ۾ ڀرجي ڳائيندو هيو، هر ماڻهو جي دل تي جادو لڳائيندو هو. هن پياري ڀڳت سنت ڪنور صاحب جن ڪيترائي سريلا من موهيندڙ مٺڙي آواز ۾ گيت ڳايا، پر هن جو سڀني ۾ اتم (وڏو) سڀني ۾ سندر سڀني ۾ سٺو گيت هيو. ته پرڀو کي نه وساريو. نه وساريو انهيءَ دکي دردن دان دان کي، غريب مسڪينن کي انهن جي شوا ڪريو. انهن جي مدد ڪريو، انهن کي سکي رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪريو. سنت ڪنور رام صاحب کي جيون ۾ جيڪو ڪجهه به مليو اهو انهن سنتن پنهنجن هٿن سان دان ڪيو، ايتري قدر جو سنتن پنهنجي مت –من موهيندڙ مٺڙي آواز تي موهت ٿي ماڻهو پنهنجي سڌ ٻڌ ڀلائي جيڪو وٽس هوندو سو سڀ سندس جهولي ۾ وجهندا هئا. ناريون به سنت ڪنور رام صاحب جن جي مٺڙي آواز جي جادو هيٺ اچي پنهنجا پاتل زيور لاهي سندس جهولي ۾ وجهنديون هيون. اهڙي طرح سنت ڪنور رام صاحب جي هر ڀڄن تي هزارين رپين سان گڏوگڏ قسمين قسمين ڪپڙا، سون توڙي ٻيو سامان گڏ ٿيندا هئا، ڀڳت صاحب مهان يوڳي ۽ سنت هئا. اهي هڪ پئسو يا سامان به پنهنجي لاءِ نه رکندا هئا.

جيڪو ڪجهه به سندس جهولي ۾ گڏ هيو سوڀ اتئي جو اتي فقيرن، غريبن ۽ محتاجن ۾ ورهائي ڇڏيندا هئا. جيڪي سوالي وٽن ايندا هئا تن ۾ نوي سيڪڙو مسلمان هوندا هئا انهيءَ مان چٽو ٿابت ٿئي ٿو ته سنت ڪنور رام جن جي ته منزل مذهب، ذات، رنگ ۽ ڀاشا جي ڀيد کان گهڻو مٿي هئي. هو سڀني کي هڪ ئي نظر سان ڏسندا هئا، سندس دان ڏيڻ مهل اکين کي به خبر نه پوندي هئي ته دان ڪنهن ورتو. دل ۾ صرف ۽ صرف انسان ذات لاءِ محبت ۽ اڪير منجهان اٿاهه محبت هئي.

جڏهن سنت ڪنور رام کي پتا شري تاراچندر رهڙڪي صاحب وٺي آيو ته ان وقت ڪنور رام صاحب جي عمر 9 سال هئي، سائين ڪنور رام سچي سائين سترام داس جن جي (پيرن) ۾سيس (سر) جهڪايو. تڏهن سائين جن ڪنور رام جن جي پتاشري کان اچڻ جو ڪارڻ پڇيو، تڏهن ڀائي تاراچند سائين جن کي هٿ ٻڌي نوڙي چوڻ لڳو ته سائين هي پٽ ڪنور جنم به هڪ مهان يوڳي سنت ستگرو کوتارام صاحب جن جي وردان سان ٿيو، جن سنتن تيرٿ ٻائي کي ٻن مٽڪن ڀرڻ جي عيوض آشيرواد روپي وچن ۾ چيو ته پهرين اسانکي ڏجان، سو سائين هي پٽ ڪنور توهان جي امانت آهي. هي توهان جي ڏنل امانت آئون واپس ڪرڻ آيو آهيان، تڏهن سائين جن ڪنور کي آسيس ڪندي چوڻ لڳا ته پٽ ڪنور پهرين سچ ڳالهائجان. ٻيو شيوا ڪجان ۽ ٽيون غريبن، اٻوجهن گهر جائن جي سار لهجان. ڀڳتي مان جيڪو ڪجهه ملي ان مان ڪوبه انگيڪار نه ڪجان. ڪڏهن به ڪنهن سوالي کي خالي نه موٽائجان، جي وچن ڪرين ته نڀائجان. ايترو ٻڌي سنت ڪنور رام سائين جن جي چرنن (پيرن) ۾ ڪري پيو ۽ هٿ ٻڌي چوڻ لڳو. سائين: ڪنور تي مهر ڪجو ته جيئن ڪنور توهان جي ڏنل وچنن تي هلي، پنهنجو جيون سنواري. انهيءَ ڏينهن سنت ڪنور رام صاحب جن پنهنجو پاڻ کي ستگرو درٻار ۾ وڪڻي ڇڏيو هو ۽ پنهنجو تن، من ڌن ارپڻ ڪيو هو. ساري زندگي ستگرو جي ٻڌايل نيڪ راهه تي نيڪ نيتي، سچائي ۽ ايمانداري سان عمل ڪندي سور داس، لولن، لنگڙن، غريبن ۽ محتاجن جي ڏاڍي پريم سان شيوا ڪندي گذاري. انهيءَ جي ڪري امر سنت ڪنور رام صاحب جن جو نالو هند ۽ سنڌ ۾ مشهور ٿيو.

سنت ڪنور رام صاحب هر سال جيان هن سال به دستور مطابق مانجهند ۾ ڀائي گوبند رام صاحب جن جي ورسي تي ويا، جتي هر سال ڀڳت لاءِ عاليشان بندوبست ڪيو ويندو هيو جٿي سائين وارا چارئي ڏينهن لڳاتار ڀڳتي ڪندا هئا. دستور موجب هن سال به سائين ڪنور رام مانجهند ۾ ڀيرو مور نه ڀڳو ۽ چارئي راتيون سائين جن وارن اتي خوب ڳايو ۽ ٻڌندڙ به سائين جن جي سريلي من موهيندڙ مڌر ۽ مٺڙي آواز ۾ (مست) ٿي جهومندا رهيا، مانجهند ۾ پڄاڻي کان پوءِ سنت ڪنور رام پنهنجي سنگيت واري ٽولي سميت دادو شهر ۾ پهتو جٿي پڻ ڀڳتي جو انتظام ڪيل هو. اتان هو صبح جو پهرين نومبر 1939ع خميس ڏهاڙي ان اڀاڳي صبح ويل دادو کان سکر اچڻ لاءِ سنگت سوڌو ٽرين ۾ سوار ٿيا ته شام ٽاڻي ٽرين ”رڪ“ اسٽيشن تي پهتي. جتي سندس سکر وڃڻ لاءِ ٽرين تبديل ڪرڻي هئي، پليٽ فارم جي جهنگ واري پاسي کان بندوق جو فائر ٿيو. ۽ سندس گولي سڌي اچي سنت ڪنور رام جي مٿي ۾ لڳي، سنت ڪنور رام رت ٿي سيٽ تي ليٽي پيا، پنجن ستن منٽن بعد جڏهن ٽرين آرائين اسٽيشن وٽ پهتي ته سنت ڪنور رام پور لوڪ ۾ پنهنجي پرماتما وٽ پهچي چڪا هئا۔

روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان