ڌرم جي ڄاڻ _ رامائڻ
Ramayan
سوال: راجا دسرت کي ڪل گهڻيون ڌرم پتنيون هيون ۽ انهن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: ٽي، (1) ڪوشليا، (2) ڪيڪئي ۽ (3) سمترا
Posted in: Ramayan
سوال: راجا دسرت کي گهڻا پٽ هئا ۽ کين ڪهڙي راڻيءَ مان ڪهڙو پٽ هو؟
جواب: چار پٽ هئا، ڪيڪئي مان ڀرت، ڪوشليا مان رام ۽ سمترا مان لڇمڻ ۽ شتروگهن
Posted in: Ramayan
سوال: چئني ڀائرن جو گرو ڪير هو؟
جواب: وشسٽ مني
Posted in: Ramayan
سوال: چئني ڀائرن جو شستر گرو (جيڪو هٿيار هلائڻ سيکاري) ڪير هو؟
جواب: وشوا متر
Posted in: Ramayan
سوال: راجا دسرت ڪيڪئي کي ڪهڙي نيڪي جي عيوض اهو وچن (واعدو) ڏنو ته جيڪي گهرندين سو ملندو؟
جواب: ڪيڪئي هڪ جنگ دوران پنهنجي پتي راجا دسرت جي جان بچائي هئي
Posted in: Ramayan
سوال: راجا دسرت پاڻ کان پوءِ راج گدي (تخت) تي ڪنهن کي ويهارڻ جو فيصلو ڪيو هو؟
جواب: رام کي
Posted in: Ramayan
سوال: ان اداسي (نوڪرياڻي) جو نالو ٻڌايو، جنهن ڪيڪئي کي ان ڳالهه تي ورغلايو ته راڄ رام کي نه پر سندن پٽ ڀرت کي ملي
جواب: منترا
Posted in: Ramayan
سوال: ڪيڪئي راجا دسرت کان ڪهڙا ٻه وچن ورتا؟
جواب: (1) رام چوڏهن سالن لاءِ بنواس (جنگل) وڃي، (2) ڀرت راج گدي تي ويهي
Posted in: Ramayan
سوال: راجا جنڪ ڪٿي جو رهاڪو هو؟
جواب: جنڪ پري جو
Posted in: Ramayan
سوال: جنڪ پري جي راجڌاني (گادي جو هنڌ) جو نالو ڇا هو؟
جواب: مثلاً پري
Posted in: Ramayan
سوال: راجا جنڪ جي ڀاءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: ڪشن ڌوج
Posted in: Ramayan
سوال: رامچندر جي پتني (زال) جو نالو ڇا هو؟
جواب: سيتا
Posted in: Ramayan
سوال: سيتا ماتا جو پتا ڪنهن کي چئجي ٿو؟
جواب: راجا جنڪ کي
Posted in: Ramayan
سوال: سيتا ماتا، راجا جنڪ کي ڪٿان ملي هئي؟
جواب: هڪ دلي مان
Posted in: Ramayan
سوال: سيتا ماتا جو نالو جانڪي مان ڦيرائي سيتا ڪنهن رکيو هو؟
جواب: نارد مني
Posted in: Ramayan
سوال: ارملا ڪنهن جي ڌيءَ هئي؟
جواب: راجا جنڪ جي
Posted in: Ramayan
سوال: لڪشمڻ جو وواهه (شادي) ڪنهن سان ٿيو هو؟
جواب: ارملا سان
Posted in: Ramayan
سوال: ڀرت جو وواهه ڪنهن سان ٿيو؟
جواب: ڪشن ڌوڄ جي ڌي مانڊوي سان
Posted in: Ramayan
سوال: شتروگهن جو وواهه ڪنهن سان ٿيو؟
جواب: ڪشن ڌوڄ جي ٻي ڌي شرت ڪيرتي سان
Posted in: Ramayan
سوال: راجا جنڪ، سيتا جي وواهه لاءِ ڪهڙي شرط رکي هئي؟
جواب: هڪ ڌنش (ڪمان) رکيو، جنهن کي جيڪو به ڀڃندو اهو سيتا جو پتي ٿيندو
Posted in: Ramayan
سوال: اهو ڌنش اصل ۾ ڪنهن جو هو
جواب: شو شنڪر مهاديو جو
Posted in: Ramayan