Bhagat Kanwar Tuhinji Ubankee Sindh – Javed Qazi

Bhagat Kanwar Tuhinji Ubankee Sindh - Javed Qazi
ڀڳت ڪنور تنهنجي اُٻاڻڪي سنڌ – جاويد قاضي

ڀڳت ڪنور تنهنجي اُٻاڻڪي سنڌ

آهين تون ئي تون

ڀڳت ڪنور تنهنجي اُٻاڻڪي سنڌ!

جاويد قاضي

ڪاٿي ڪو مسئلو ٿئي ٿو، ڪو سُور، ڪو احساس ٿئي ٿو، جيڪو لکڻ لاءِ اُتساهي ٿو، هن ڏيوالپڻي جي عمر مان گذرندڙ سنڌ، جنهن تي ڪائنات جي وشال وقت جي آبشارن مان ڪيترائي سال، ڏهائيون ۽ صديون لٿيون، انهن زمانن جي مڪانن مان ڪائنات جي گهنٽه گهرن مان ڪي صديون عميق ٿي ويون ۽ ڪي وقت اهڙا به پيا ڄڻ ڪو اوڙاهه هو، ڪو ڀنور هو، جنهن ۾ سنڌ ڦاسي پئي ۽ ڪنور ڀڳت سڀ ڏسي رهيو هو، تڏهن ئي ته چيائين ”نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو، مون کي آڌار تنهنجو، ڪونهي ڪو مائٽ منهنجو“. اڃا ڪائنات جي وشال وقت مان ورهاڱو ڪو نه لٿو هو، اڃا ته سنڌ تي اهنسا جو سج ڪو نه لٿو هو پر ڀڳت ڪنور ڏسي رهيو هو، پنهنجي نماڻين اکين ۾ اهو اڀاڳو اڀرندڙ سج، جنهن ۾ هن سنڌ جو شاندار ماضي ۽ ان تي اڏيل خوبصورت حال، سڀ ٽٽي ۽ وکري پوندو ۽ پوءِ ايئن به ٿي پوندو جيئن ڪافڪا چوندو هو ”مان ته آهيان ڪا واٽ خزان جي، پيلن پتن سان ٽٻٽار، اچان هنج ڇنڊي نه ٿم ته وري پيلن پتن ۾ ٻڏي پئي آهيان“.

اهو اڄوڪو اڀاڳو ڏينهن هو جڏهن اڄ کان 71 سال اڳ ڪو لمحو ڪربو هو. رُڪ اسٽيشن تي جنهن ۾ اهنسا جي هن عظيم فقير کي گولي ڳچيءَ ۾ اٽڪي پئي هئي. هن جو ڳلي جو قاتل اهڙو ته نشانو ڪري ورتو جو بنهه اتي لڳي، اها گولي جنهن جي ٺڪاءَ تي ڪانوَ ۽ سڀ پکي پليٽ فارم جي وڻن جي ٽارين تان ڪوڪون ڪندا اڏري پيا ها، هي لمحو ڪو اوچتو ڪونه پيو هو، هن کان اڳ منزل مسجد گاهه تي حملو به ٿيو، اهو به سنڌ جي اهنسا تي وار هو، ڪنور کان پوءِ شهيد الله بخش کي به ماريو ويو اهو به سنڌ جي اهنسا تي وار هو. ڪير هو ان سازش ۾؟ ان وقت ته ڪا متحده به ڪا نه هئي، ڪو ڌارين جي لوڌ به ڪانه لٿل هئي، ان وقت رڳو اسين هئاسين، هن سنڌ ۾، ان وقت اهو وڏيرو هو ڪو ايوب کهڙو هو ڪو علي محمد راشدي هو، جن سان اسان جو سورهيه بادشاهه به گڏ ڪو نه بيهي سگهيو ۽ هيڏي وڏي پيراڻي گادي، هيڏا سارا هزارين حُر ڪهرائي ويهي رهيو.

”ڪيئن ريجهايان توکي، ڪيئن پرچايان“ ان لون جي تنوار تي رمندڙ ڪنور پنهنجي وجود جي احساس کان بي خبر ٿي ويو، ايستائين جو سندس ڳوٺ جوارن ۾ مسجد زخمي ٿي ته پاڻ ويٺو چندا ڪري ۽ پاڻ ويٺو ان جي اوساري ۾ ونگار وهي جو مسجد جي پيش امام چئي ڏنس ته تون مسلمان آهين چيائين پيش امام کي ”جڏهن من مسلمان نه ٿيو ته تن تي اهو لقب ڪهڙي ڪم جو؟“ پاڻ هندو هو پر سندس ڀڳتي جي روايت هئي ته رات جو جڏهن پاڻ ڇير پائي نچندو ۽ ڳائيندو هو ته ان کان اڳ ۾ چوندو هو ”پڙهو مسلمانو ڪلمو لاالاه الاالله ۽ چئو هندوئو رام رام“. هونئن ته سنڌ جي ان هندن ۽ مسلمانن ۾ مندر ۽ مسجد ڌار ڌار هيون، تن جون ريتون ۽ رسمون ڌار ڌار هيون، پر ڪنور جي ڀڳتيءَ تي سڀ هڪ هنڌ ويهندا ها، ڀڳتي ختم ٿيڻ وقت ڪنور پاڻ جهولي ڦهلائي بيهندو هو، هزارين رپيا پوندا ها، هن جي جهوليءَ ۾ ۽ پوءِ اهي اوڏي مهل اٿي بيٺل يتيمن ۽ بيواهن ۾ ڪنور پاڻ ورهائيندو هو، بنا ڪنهن فرق جي ته انهن ۾ ڪير هندو آ ۽ ڪير مسلمان.

ڪنور ڀڳت شاهه ڀٽائي، سچل سائين جي تسلسل جو حصو هو، هو ته روميءَ وانگر ڦير پائيندو هو، whirl ڪندو هو، هو ته تون ئي تون هو، اها تون جيڪا ڀٽائي روميءَ جي مشنوي مان جيئن جو تيئن پنهنجي رسالي ۾ ڪتب آندي آهي.

عجيب هو اسان جو ڪنور، وفات وقت 54 سال عمر هئس، ڀڳتيءَ مان جيڪو مليو سو مسڪينن جو ۽ پاڻ پنهنجي گذاري لاءِ جوارن جي ڳوٺ ۾ چئونرا وڪڻندو هو. هن جو ڪير به دشمن نه هو، هو ته فقير هو، سنڌ جي اهنسا جو فقير جنهن ۾ صرف ”تون“ هوندي هئي ”مان“ نه. ان ڪري ان ”تون“ کي پرچائڻ ۾ مذهب جو مت ڀيد ثانوي ٿيو پئي.مون چيو ته ڪو وچن آ جيڪو لکڻ تي اتساهي ٿو، جيڪو ڇڪي ڪنور جي قتل جي ان موڙ تي مون کي بيهاري ڇڏيندو آ، اسان سڀن کي گڏائي ڇڏيندو آ، اسان جا سور به ساڳيا، خواب به ساڳيا آهن، اسان جي ٻولي، تهذيب، تاريخ، تمدن به ساڳي آهي، اسين آهيون هن سنڌ جا منجهدار، رڳو پنهنجون انائون گهٽايون. هنن زرائتي قدرن ۾ رهڻ جي ڪري اسين غلا خور ٿي ويا آهيون، اسين ڪينا پرور ٿي ويا آهيون.

اڄ پوري پاڪستان تي منافقتن جو راڄ آ، ماڻهو ڪپڙا ته ڍڪين ٿا، سندن وجود جو تن ڍڪجي ته وڃي ٿو پر سندن عمل سندن کي اگهاڙو ڪيو ڇڏي. هنن جي چوگرد چمچن جون قطارون آهن پر مست اتان اٿي ويا. هاڻي ان آکيرن تي چٻ چڙهي ويٺا آهن ۽ هنج سڀ اڏي ويا آهن.

ڪير به ڪري سگهي ٿو، ايئن توهان وٽ ڏوڪڙ آهن چار، آئينا وٺي اچو، چئن طرفن کان هڻي ڇڏيو ۽ وچ ۾ پاڻ بيهي رهو، توهان کي واقعي لڳندو ته دنيا جا مور توهين آهيو، توهان جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي جو اگر چار چمچا کنڊ جا ڀري توهان جي چانهه جي ڪوپ ۾ ملائي ڇڏجن ۽ پوءِ توهين چئو چانهه ڦڪي آهي، توهان جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، توهان اڃا ”مان“ مان نڪتا ناهيو پنهنجي وجود کان ٻاهر ڏسڻ لاءِ تيار ناهيو.

اسان جو ڀٽائي چوندو هو ”اهين آئون ڪن جي، پاسو تن م مٽ“. منهنجي وجود تي ڏاهپ جو پهريون دروازو اوڏي مهل کڙڪيو هو جڏهن مان چيو هو مان ”تون“ آهيان. ”تون“ آهي سنڌ، سنڌ جي افلاس ۾ رهندڙ سنڌي لوڪ، مان اهڙي جمهوريت کي ڪاڏي ڪندس جيڪا لوڪن سان وابسته نه هجي، اهڙي قوم پرستيءَ کي ڪاڏي ڪندس جيڪا لوڪن سان جڙيل نه هجي، وڃون انهن لوڪن ۾ وڃون جن جي وجود ۾ رهي ٿو قلندر شهباز، ڀٽائي، سچل ۽ ڪنور ”تون“ معنيٰ لوڪ. فيض چواڻي ”هلو ته بازار ۾ پيرين اگهاڙي هلون، مٿي ۾ مٽي پائي ڦاٽل ڪپڙن ۾ ئي هلون، هلو ته بازار ۾ قتل ٿيڻ لاءِ هلون“.

ڪنور انهيءَ سنڌ جي بازار ۾ پيرين اگهاڙي ڇير هڻندو هو، ڀڳت ڪنور، مست هو، ڪنور ۽ پوءِ رت جي هوليءَ ۾ وهنجي ويو ڪنور. ڪنور ته اياز جي هنن سٽن وانگر ”سر جي گدلي سينور ۾“ نيل ڪنول هو. ڪنور ته چڪور هو، هو ڏوهي هو. يسوع جي طبيعت جي ڏوهه واري ڪيس ۾ گهربل هو. هن چيو هو هي سڀ مٽيءَ هاڻان ماڻهو خدا جي مخلوق آهن.

مسافر هو ڪنور پيو رلندو هو، ڪنور اها صنف ڄڻ ڀٽائي کان پاتائين، سيلاني هئڻ باجا ۽ دهل شرنائيون کڻي هلڻ هن جو ڪم هو، هن جي لاءِ مشهور ٿي ويو هو ته بيمارن کي چاڪ ڪيو ڇڏي، توهين لوڪن جا ٿي ته ڏسو لوڪ توهان سان ايڏو پيار ڪندا، توهين سوچي به نه ٿا سگهو ۽ جي پيار نه ڪن ته به ڇا. توهان جو پيار مشروط نه بلڪه غير مشروط هئڻ گهرجي.

پوئين فيبروري تي آصمه جهانگير سکر لٿي، اسان کي حڪم ٿيو اتي پهچون، مون تجويز ڏني مانس ته اسان جو هن سنڌ ۾ سنڌ جي هن خطي ۾ وڏو امين ڀڳت ڪنور هو ۽ ان کي ان ڪري قتل به ڪيو ويو، پڇيائين ڪڏهن؟ ٻڌايومانس اڄ کان 71 سال اڳ ۽ پاڻ هلڻ لاءِ ان کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ رُڪ اسٽيشن هلي. هيل تائين برصغير جي هيڏي وڏي شخصيت اها آصمه جهانگير هئي، جيڪا رُڪ اسٽيشن هلي هئي. سوين لوڪ ڪٺا هئا، اتي آصمه جهانگير جي استقبال ڪرڻ لاءِ ڏيئا ٻارياسين ۽ پوءِ ايئن به ٿيو جو سهراب فقير جي فقيرن جڏهن ڇير هنئي تڏهن هندو ۽ مسلمان سڀ گڏ نچيا هئا.

چوڻ جو مقصد سنڌ جي قومي جدوجهد مان اگر اهنسا جي بقا جي جنگ ان مان ڪڍي ڇڏينداسين ته اڌورا رهجي وينداسين. اڄ اسان جي اهنسا کي شديد خطرو لاحق آهي، ياد رکو توهين اها خبر ڪڏهن به ٻڌي سگهو ٿا ته ڪنهن خودڪش بمبار ڀٽائيءَ جي آستان تي حملو ڪيو.

اتر ۾ سوين مدرسا کلي ويا آهن، جت مذهبي نفرتن کي ڦهلائڻ لاءِ استحصال ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته اسان جو قومي ضمير، اسان جا ساڃاهه وند ان طرف صحيح طرح ڌيان نه پيا ڏين.

ڇا به چئو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي پر ان کي ماڻهو کٽرائين ٿا، انهن لال مسجد وارن کي بي نظير پنهنجي تنقيد جو نشانو بڻايو، هو پنهنجي پيءُ کان هنسا جي حوالي سان سوين قدم اڳتي هئي، ان هڪ سبب اهو به هو ته ڀٽو جي ماءُ هندو هئي، شايد ايوانن جي سياست ۾ ڀٽو کي اهو ڪنهن داغ جيان لڳو ۽ هو پاڪستان جي نام نهاد نظريي کي جناح کان به ڪٽي ڏسڻ لڳو ۽ رجعتين وٽ يرغمال ٿيو. اهو ذوالفقار علي ڀٽو جيڪو پنهنجي جوانيءَ ۾ ساڌ ٻيلي هندن جي تهوار تي به ويندو هو. پر بي نظير جا ماءُ ۽ پيءُ ٻئي مسلمان هئا. هن کي پيءُ واري ڪا به احساس ڪمتري ڪانه هئي. هن پاڪستان ۾ اهنسا جي امينن کي ڳولي ڳولي ۽ چونڊي چونڊي ماريو ويو آهي. هو نه ٿا ڄاڻين ته جيترو جيترو اهنسا کي پاڪستان ۾ ماريو ويندو، اوترو اوترو پاڪستان مان دنيا کي خطرو محسوس ٿيندو ويندو. مون چيو ته اسان کي پنهنجي عهد جو گيت ڳائڻو پوندو، اهو گيت جيڪو ڪنور کان اڌورو رهجي ويو، اسان کي ورجائڻو پوندو، سچ کي پنهنجي اڱڻ ۾ مهمان ڪرڻو پوندو، پوءِ ڇو نه اهو سچ توهان جي نرڙ تي خنجر ٿي بيهي رهي، ان کي ويلڪم ڪرڻو پوندو.

اهو ڪهڙو سچ آ توهان ماڻهن جون ميرٽ کائي وڃو، رڳو ان ڪري ته هو توهان جي چاپڙوسي نه ٿو ڪري. ان ڪري ٿو ٿئي جو نه توهين مرڻ لاءِ تيار هو، نه توهين اسٽيج جي پويان وڃي سگهو ٿا، اهو ان ڪري ته توهان کان رب مت کسي ڇڏي آهي، پنهنجو توهان ۾ انٽريسٽ اهو آهي ته توهين ادارن جا سربراهه آهيو، اهي ادارا جيڪي سنڌي قوم جي امانت آهي، ۽ انهن جي لاءِ آهي، ان ڪري اهي ادارا ٽرسٽ آهن نه ڪي توهان جي ڪمائيءَ جا ذريعا. شڪر ڪريو توهان کي خدا عزت ڏني آهي، ان ڪري لالچ نه ڪريو، تسيو به نه ڪيو، بردبار ٿيو ۽ سنجيده رويا رکو، ڇاڪاڻ ته توهان تي ذميواريون رکيل آهن.

ڀڳت ڪنور جي اڄوڪي 71 هين شهادت جي ڏينهن کان وڏو ٻيو ڪهڙو ڏينهن ٿي سگهي ٿو جو اسين ڌرتيءَ جا سپوت ٿي صرف هن ڌرتيءَ جي Context ۾ مفادن کي ڏسي هن ڌرتيءَ مٿان هن باغ جا مالهي ٿي وڃون ۽ ان جي آبياري ڪريون، ان مان ڊڀ صاف ڪريون، ان جي ٻوٽن جون پاڙون مضبوط ڪريون.

”مڌ پيئندي مون، ساجن سَهي سڃاتو،

پي پيالو عشق جو سڀ ڪجهه سمجهيو سون

جيئڻ ناهي جڳ ۾، ڏينهن مڙئي ڏون،

آهين تون ئي تون.

(شاهه عبدللطيف ڀٽائي)

Courtesy: Daily Awamiawaz, Wednesday, November 03, 2010

 

Sacho satram – Read Sindhi Essay On Bhagat Kanwarram Sahib Wirtten By Javed Qazi – Bhagat Kanwar Tuhinjee Abanki Sindh –