Bhagat Kanwar Ram – Sindh Jo Mahan Insan – Doctor Ladhoram

Bhagat Kanwar Ram - Doctor Ladhoram

ڀڳت ڪنور رام – ڊاڪٽر لاڌو رام بي ڪر ڪرمچنداڻي

ڀڳت ڪنور رام _ سنڌ جو مهان  انسان

ڀڳت ڪنور رام صاحب سنڌ ماتا جي سڀني ڀڳتن ۾هڪ نيارو پد رکي ٿيو. سندس جنم 3 اپريل 1885ع ۾ ميرپور ماٿيلو شهر جي ويجهو هڪ ڳوٺ جروار ۾ ڀائي تاراچند جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد بنهه هڪ غريب انسان هو. جيڪو پاڻ ”ڪوهر“ وڪڻي پيٽ پاريندو هو. واضح رهي ته پاڻي ۾ ٻاڦيل چڻن کي ٻين لفظن ۾ ”ڪوهر“ به چئبو آهي.
ڀڳت ڪنور رام صاحب کي ننڍپڻ ۾ ئي چڻن جو ٿالهه وراثت ۽ ميراث ۾ مليو. ننڍڙو ڀڳت ڪنور رام جڏهن ”ڪوهر، وڪڻڻ جو هوڪو ڏيندو هو ته سندس مٺڙي ۽ سريلي آلاپ تي ننڍا توڙي وڏا گڏ ٿي ويندا هئا.
جيتوڻيڪ جنهن کي ”ڪوهر“ نه وٺڻا هوندا هئا سو به خوش ٿي خوشي سان ”ڪوهر“ وٺي ويندو هو. ڇاڪاڻ ته قدرت کيس آواز ۾ وڏو ميٺاج بخشيو هو. ڀڳت ڪنور رام صاحب کي ننڍپڻ ۾ ئي پڙهڻ لکڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو پر غربت ڪارڻ ڪنهن پاٺشالا مان (تعليم) پرائڻ واري شوق کي ڏسندي کيس پنهنجي ست گوسنت سترام داس صاحب وٽ روحاني تعليم پرائڻ لاءِ ڇڏيو، جتي ”ڪوهر، وڪڻڻ کانپوءِ سنت سترام داس ڌام جي وڃي روحاني تعليم پرائڻ شروع ڪيائين. جتي ان وقت جا ناميارا ڄاتل، سڃاتل ۽ مڃيل ڀڳت، سنت، گويا، راڳي ۽ ڪلاڪار ڀڳتي ۽ ست سنگ، راڳ ۽ ويراڳ جون ڌرمي سڀائون سينگاريندا هئا. اتي ڀڳت ڪنور رام صاحب راتين جون راتيون جاڳي ويهندو هو. راڳ ٻڌڻ وقت کيس اها سُڌ نه رهندي هئي ته هو ڪٿي آهي.
جنهن کانپوءِ ڀڳت ڪنور رام صاحب کي ڳائڻ جو شوق پيدا ٿيو.
هميشه ڀڳت ڪنور رام صاحب ساڻ ڀڳت ۾ ڏهاڪن ۾ محتجاج، معذور، اپاهج، بيمار، بي وسي ۽ گهرج مند هوندا هئا. ڀڳت ڪنرو رام صاحب نهايت ئي کلمک، ساده لوح انسان، انسان دوست، لطيف شناس، اصول پرست، هيڻن جو هڏ ڏوکي، غريب نواز، رحمدل، محسن، ملنسار، خاڪسار، خدمتگار انسان هو.
سندس پوشاڪ ۾ مٿي تي پڳڙي، ڪنن ۾ ڪنڍل، ڳلي ۾ ڪپڙو، تن تي جامون ۽ پيرن ۾ ڇير هوندي هئي اهو ڀڳت مهل سندس نيم (اصول) هوندو هو.
ڪيئن ريجهايان تو کي، ڪيئن پرچايان تو کي، ڏس ڪو ڏانءُ
يا ٿيان ناچو پيان پيش واري، ڌڪڙ ڌمچر ساز آوازي
ڦيرڙي پيان، ڇير ڇمڪايان، ڏس ڪو ڏانءُ.
ڀڳت ڪنور رام صاحب جي مخصوص ۽ منفرد انداز ۾ ڏوهيڙي ڏيڻ، ڳائڻ ۽ ڇير هڻڻ تي سندن پرستا ۽ پارکو بي خودي جي ڪيفيت ۾ کيس مڃتا ۽ ڀيٽا ڏيندي مٿس نوتن جي زوردار برسات ڪري ڀرپور داد ڏيندا هئا. پر ڀڳت ڪنور رام صاحب پاڻ ان انعام اڪرام ۾ تمنا ڪونه رکندو هو ۽ اهو سندس سر تان نڇاور ڪيل عوامي صدقو وري به بيواهن، يتيمن، غريبن، مسڪينن، بيمارين، بي وسن، محتاجن ۽ گهرج مندن ۾ مالي امداد طور ورهائي ڇڏيندو هو. ڀڳت ڪنور رام صاحب کي جڏهن به ڪو سوالي مالي امداد لاءِ سوال ڪندو هو ته پاڻ نماڻي انداز ۾ سائل سوالي کي چوندو هو ته ايشور پريتي (في سبيل الله) جهولي منهنجي ۽ نصيب تنهنجو!
تيرا تجهه کو ارپن ڪيا لاگي ميرا.
پاڻ سڄي سنڌ ۾ جتي به کيس قرب جي ڪوٺ ملندي ئي اتي بنا في ۽ بنا ڀاڙي جي ضرور ويندو هو. هگڻو تڻو جنهن وسندي ۾ جتي به سيٺين جون رائيس ملون، فلور ملون، آئل ملون ۽ ڪاٽن جننگ اينڊ پريسنگ فيڪٽريون هونديون هيون اتي رات جو ڀڳت ڪندو هو.
وسندي جي مکيه چؤنڪن تي لائوڊ سپيڪر لڳايا ويندا هئا. جتي شهر واسي ۽ ڳوٺ واسي هڪ ئي وقت ويهي راڳ ٻڌاندا هئا.
سڄي رات پريم رس ونڊبو ۽ ورڇبو رهندو هو. هميشه ڀڳت جي پڄاڻي تي پرڀات جي امرت ويلي امن جو سفير ڀڳت ڪنور رام صاحب سنڌ ۾ سنڌي قوم لاءِ پلئه پائي پريميشور کان پرارٿنا ڪندو هو. اهڙيءَ ريت هندو مسلم کي ويجهو آندائين.
ڀت ڪنوررام صاحب ساڻ ڀڳت ۾ ڪجهه ننڍڙا نالي ماتر راڳي پڻ هوندا هئا. انهن کي به پاڻ ڀڳت دوران چوندو هو ته ڀائي هڪڙو ڏهيڙو ته تون به ڏي اتي ان مان اهو سؤ في سيڪڙو ثبوت ۽ مليل ٿو ملي ته انهن ننڍڙن راڳين جي پاڻ حوصلا افزائي سان پذيرائي ڪري انهن جو مان مٿانهون ڪندو هو.
ڀڳت ڪنور رام صاحب ورهاڱي کان اڳ مسجد منزل گاهه سکر وارن هندو مسلم ڪش مذهبي فسادات ۾ پران ڏنو، درحقيقت ڀڳت ڪنور رام صاحب جڏهن دادو ضلعي جي ڪنهن ڳوٺ مان ڀڳت ڳائي واپس پنهنجي ڳوٺ وڃڻ لاءِ رڪ ريلوي اسٽيشن تي پهتو ته اتي ڪي ٻه شخص ڀڳت ڪنور رام صاحب کي مليا ۽ پيرين پئي چيائيون ته؛ ”دعا ڪجو ته اسان جنهن مقصد لاءِ نڪتا آهيون. اهو مقصد پورو ٿئي.“ ڀڳت صاحب انهن ٻنهي شخصن کي غور سان ڏسي مرڪندي چيو ته؛ ”اوهان جو مقصد پورو ٿيندو. اوهان جا ٻيڙا پار آهن.“
ايئن چئي پاڻ اچي ريل گاڏيءَ جي دٻي ۾ ويٺو. ريل گاڏي جڏهن هلڻ لڳي ته انهن ساڳين شخصن، انسانيت جي ويرين، جن ڀڳت ڪنوررام صاحب کان دعا پني هئي، تن بندوقن جا منهن کولي سڌا فائر ڪري ڀڳت صاحب کي سخت زخمي ڪري وڌو. ڀڳت ڪنوررام صاحب زخمي حالت ۾ رُڪ ريلوي اسٽيشن کان گوسڙجي ريلوي اسٽيشن تائين لڇندو رهيو ۽ سندس زبان تي اهي لفظ هئا ته سندس قاتلن کي ڪجهه به نه چيو وڃي. ڀڳت صاحب انهن اشڀ گهڙين ۾ لڇندي لڇندي پراڻ ڏنو.
اهو دک دايڪ ڏينهن پهرين نومبر 1939ع جو هو. سندس آخري آرام گاهه ڏيوري صاحب رهڙڪي صاحب جي قبرستان ۾ واقع آهي. جتي سندس جنم اشٽمي 13 اپريل تي دستور مطابق هر سال عقيدت ۽ احترام، شايان شان ۽ وڏي ڌام ڌوم سان چار روزه جشن ميلو ملهايو ويندو آهي.

Sacho satram – Read Sindhi Essay On Bhagat Kanwarram Sahib Wirtten By Dr: Ladhoram – Bhagat Knwarram – Sindh Jo Mahan Insan